سکر: پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ نثار کهڙو ٻٻرلوءِ پهچي وڪيل اڳواڻن کي 25 اپريل تي پ پ جي ڪئنالن خلاف جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، اِن موقعي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سان ڳالهين واري ڪاميٽيءَ جي ميمبر وڪيل جعفر شاهه پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته وڪيلن پ پ کي اليٽيميٽم ڏنو هو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌ دشمن ڪئنالن واري رٿا رد نٿي ڪري ته اِن عرصي بعد پ پ وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري، جيڪڏهن پ پ ڏنل مهلت دوران وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان نٿي ڪري يا وفاق تي زور وجهي ڪئنالن واري رٿا رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن نٿي جاري ڪرائي ته اِن صورت ۾ هو پ پ جي اعلانيل جلسي ۾ شرڪت نه ڪندا، سيد جعفر شاهه چيو ته اسان پر امن، محبت ڪندڙ ماڻهو آهيون، پ پ جو اتحادي عطا تارڙ ڌرڻو هڻندڙن خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، واضع رهي ته هڪ سوال جي جواب ۾ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ ٻه ڏينهن اڳ چيو هو ته پيپلز پارٽيءَ پاران جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ ڪا به دعوت ناهي ڏني وئي. جيڪڏهن دعوت ملي ته ڪاميٽي فيصلو ڪندي ته شرڪت ڪرڻي آهي يا ناهي ڪرڻي پر وڪيلن جواب ڏئي ڇڏيو آهي.