پيپلز پارٽي – عوامي جمهوريت کان طبقاتي جمهوريت تائين

0
25
پيپلز پارٽي - عوامي جمهوريت کان طبقاتي جمهوريت تائين

ٻه ٽي ڏينهن اڳ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي يومِ تاسيس تي لکڻ ٿي چاهيم، تڏهن فقير راحمون چيو ته، پيپلز پارٽي آهي به ڇا؟ ڪنهن حد تائين اُن جي ڳالهه صحيح آهي. توڙي جو پيپلز پارٽيءَ وٽ پنجاب جي سرائيڪي ڳالهائيندڙ ضلعن مان قومي اسيمبليءَ جون 8 سيٽون آهن. خيبر پختونخوا جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان مان اُنهن جو قومي اسيمبليءَ جو هڪ ميمبر ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ٻه ميمبر آهن. سنڌ مان گُذريل ڀيري جي مقابلي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ ۾ اُنهن جو تعداد وڌيڪ آهي. بلوچستان جي مخلوط حڪومت ۾ وزير اعليٰ اُنهن جو آهي، جنهن موصوف جو نالو سرفراز بگٽي آهي. ايجنسين جي تابعداري ۽ اُنهن جي ايجنڊا کي زيرين زبرين اڳتي وڌائڻ جي شهرت رکي ٿو. گذريل ڪُجهه سالن ۾ اُن سياسي بولاٽين جا رڪارڊ ٺاهيا. هن وقت پيپلز پارٽيءَ ۾ آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ ڪٿي هوندو، ان جي باري ۾ هُو پاڻ به ڪا حتمي ڳالهه چوڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. جيالا اسان کي ٻُڌائين ٿا ته، هُن جو والد پيپلز پارٽيءَ جو ضلعي صدر رهي چُڪو آهي.

سنڌ ۾ مرحوم سيد عبدالله شاهه بخاري جو فرزند سيد مراد علي شاهه وڏو وزير آهي. البته پيپلز پارٽي جنهن شهر لاهور ۾ ٺهي هئي، اُن شهر مان اُن جو ڪڏهوڪو صفايو ٿي چُڪو آهي. هلندڙ سال فيبروريءَ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو سربراهه بلاول ڀٽو لاهور مان قومي اسيمبليءَ جو اُميدوار هو، اُن جي مد مقابل مسلم ليگ (ن) جو عطاءُ الله تارڙ ۽ تحريڪ انصاف جو ظهير عباس کوکر بيٺل هئا. عطاءُ الله تارڙ ڪامياب ٿيو. بلاول ڀٽو ايترا ووٽ به نه کڻي سگهيو، جيترا گذريل دور ۾ لاهور ۾ پيپلز پارٽيءَ جي هڪ تڪ ۾ منعقد ٿيل ضمني چونڊن ۾ ان جي اميدوار حاصل ڪيا هئا (لڳ ڀڳ ٽيهن هزارن کان وڌيڪ ووٽ هئا ان جي اميدوار جا) ان شڪست تي نواز ليگ مٿان ايجنسين جي محنت ۽ ڪُجهه ٻيون ڪهاڻيون جيالن سوشل ميڊيا تي وڪرو ڪيون پر اُنهن ڪهاڻين جي وڪري ۾ “موڙِي” رهي. سينٽرل پنجاب کان قومي اسيمبليءَ جي واحد سيٽ راجا پرويز اشرف جي آهي. گوجر خان ضلعي راولپنڊيءَ مان راجا پرويز اشرف اڳوڻو وزير اعظم ۽ قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهيو آهي.

خيبر پختونخوا جي اعليٰ سياسي قيادت جو چونڊ ميدان ۾ پي ٽي آءِ جي هٿان ڪرياڪرم ٿيو. ڊيرا اسماعيل خان مان قومي اسيمبليءَ جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون ٻه سيٽون نه ملن ها ته اسان کي ڪُجهه سُٺيون ڪهاڻيون ۽ ڪُجهه سازشن جا قصا پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ لاءِ ملن ها. پنجاب جي سرائيڪي ڳالهائيندڙ ضلعن (سرائيڪي وسيب) مان پيپلز پارٽيءَ کي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون جيڪي سيٽون مليون، اُنهن ۾ يقينن پارٽيءَ جو ووٽ بينڪ هوندو پر زميني حقيقت اها آهي ته، اهي علائقائي سياست جي اُنهن وڏن خاندانن جون سيٽون آهن، جيڪي پيپلز پارٽيءَ سان هر حال ۾ گڏ بيٺل رهيا. انهن خاندانن ۾ سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سندن ماروٽ مخدوم سيد احمد محمود گيلاني جا خاندان نمايان آهن. ضلعي ملتان مان قومي اسيمبليءَ جي ٽن سيٽن تي گيلاني ڪامياب ٿيو. اُن کان پوءِ سيد يوسف رضا گيلانيءَ سينيٽ جي ميمبر شپ ملڻ تي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ ڇڏي ڏني، جنهن تي ضمني چونڊ ۾ سندن فرزند چونڊجي آيو. يوسف رضا گيلانيءَ جا ٽي فرزند قومي اسيمبليءَ جا ميمبر آهن ۽ هُو پاڻ سينيٽ جي اسلام آباد مان هڪ سيٽ تي سينيٽر بڻيو. هاڻي سينيٽ جو چيئرمين آهي. اُن جو چوٿون فرزند علي حيدر گيلاني پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر آهي. سنڌ-سرائيڪي وسيب، خيبر پختونخوا جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان مان اُن جي اسيمبلي ميمبرن ۾ سفيد پوش گهراڻن جا سياسي ڪارڪن ڪيترا آهن ۽ اشرافيه جي خاندانن جي نمائندگي ڪيتري آهي؟ ان تي بحث ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ڇو ته چونڊ عمل ان حد تائين مهانگو ٿي چُڪو آهي جو سياسي ڪارڪن هڪ اڌ گُردو وڪڻي ميونسپل يا ضلعي ڪائونسل جو ميمبر به نٿو بڻجي سگهي، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبري ته پري جي ڳالهه آهي. هڪ اهڙي جماعت، جنهن طبقاتي ۽ ڊرائنگ روم سياست کي رستن تي کڻي اچڻ جو تاريخي فرض سرانجام ڏنو، اڄ اُها جماعت اشرافيه جي اوطاقن، هُجرن ۽ ڊرائنگ رومن تائين محدود آهي. پر آخر ڇو؟ ان سوال جي جواب ۾ جيالا دوست جن وارداتن ۽ ڪهاڻين سان دِل پشوري ڪري رهيا آهن، اُنهن مان “نڙي سائي” ڪرڻ ممڪن نه آهي. اسان کي کُلي دل سان اهو مڃڻ گهرجي ته، پيپلز پارٽي معروضي حالتن جو اثر قبول ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي اها عوامي مزاحمت، جمهوريت يا انقلاب جي واٽ تي هلندڙ پارٽي ناهي پر مروج سياسي نظام يعني سيڪيورٽي اسٽيٽ جي پابند طبقاتي جمهوريت جو هڪ ڪردار بڻجي رهجي وئي آهي. اُن جي دستياب ڪارڪنن ۽ حامين وٽ موجوده ڪردار جي حوالي سان يقينن دليل هوندا ۽ هجڻ به گُهرجن، پر ڪڙو سچ اهو آهي ته، انتهائن ۾ ورهايل سماج ۾ جيڪا به سياسي جماعت طبقاتي جمهوريت جي ‘گاڊ فادرن’ جي سهولتڪاري ڪندي، اُن جي مقبوليت ۾ ڪمي ايندي. توهان اهو چئي سگهو ٿا ته، هڪ ڊگهي عرصي تائين عدليا، اسٽيبلشمينٽ (ان ۾ سول، ملٽري ٻئي شامل آهن) پيپلز پارٽيءَ جي رَتَ جا پياسا رهيا پر ويچار ڪريو ته، ملٽري اسٽيبلشمينٽ اسلامي جمهوري اتحاد جوڙايو، تڏهن پيپلز پارٽيءَ جا سمورا مخالف هڪ ڇٽيءَ جي هيٺان گڏ ٿي ويا پر پيپلز پارٽيءَ جي طاقت برقرار رهي. ان ملٽري اسٽيبلشمينٽ جڏهن اڳتي هلي ملان-ملٽري اتحاد (ايم ايم اي) جوڙايو ته، سموري رياستي قوت ۽ وسيلا ان کي ميسر ڪرڻ جي باوجود پيپلز پارٽي قومي اسيمبليءَ ۾ ٻي وڏي پارٽي هئي. پوءِ اُن جي ڪُک مان پي پي پي پي (فور پي) واري جماعت ڪڍي وئي. پيپلز پارٽيءَ جي موجوده خراب حالت لاءِ جيالن جو هڪ طبقو ايجنسين کي ذميوار قرار ڏئي ٿو ۽ اُن کي ڇڏي ويندڙ چون ٿا ته، پ پ پ جي قيادت ڀُٽي جي قاتلن ۽ 1988ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ اُن جي والده جون تصويرون هيليڪاپٽر مان اُڇلائڻ وارن سان دوستي ڪري ورتي آهي.

اسان جي راءِ ۾ ٻئي ڳالهيون دُرست ناهن. پهرين ڳالهه اها ته، سيڪيورٽي اسٽيٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ جون پنهنجون ترجيحات هونديون آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ به هيون ۽ هاڻي به آهن. اسيمبلين جي مرضي هئي ته، سيد يوسف رضا گيلاني اڪثريت هجڻ جي باوجود چيئرمين سينيٽ چونڊجي نه سگهيو هو، ته ڇا هاڻي صدارت ۽ سينيٽ جي چيئرميني ايجنسين جي مرضيءَ کان سواءِ ملي وئي، ۽ بلوچستان ۾ جمهوري فڪر جي ٻوڏ اُن کي اقتداري ايوان تائين پهچائي ڇڏيو؟ قاتلن سان ٺاهه واري ڳالهه مڃي وٺجي ته، ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ پي اين اي جون ڪُجهه جماعتون بعد ۾ ان ئي ايم آر ڊي جو حصو بڻيون، جيڪو اتحاد ضيائي مارشل لا جي خلاف ٺهيو هو. پيپلز پارٽي محترمه نصرت ڀٽو جي قيادت ۾ ان اتحاد جو حصو هئي.

اصل ڳالهه اها آهي ته، اسان جي سماج ۾ “ماري ڇڏيو……ميساري ڇڏيو” جي مولاجٽ فيم جذبات جو اظهار ڪرڻ وارو ئي رات وچ ۾ چوٽ چڙهي ويندو آهي. ٿورو گذريل 76 سالن ۽ ورهاڱي کان اڳ جي سياست جو جائزو وٺجي ته اسان کي جواب ملي ويندو. سيڪيورٽي اسٽيٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ حڪومتي نظام جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکندي آهي ۽ جيڪو به اهي واڳون ڇڏرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اُن کي ميساريو ۽ مِٽايو ويندو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي پنهنجي موجوده بِنهه بُڇڙي حالت جو تجزيو ڪهاڻين ۽ سازشن جي رام ليلائن جي بنياد تي نه پر زميني حقيقتن ۽ مجموعي سماجي روين جي بنياد تي ڪرڻ گُهرجي، تڏهن ئي دُرست جواب ملي سگهي ٿو. پيپلز پارٽيءَ جا دوست ڀلي ڇا به چون پر منهنجو اڄ به اهو موقف آهي ته، پي ڊي ايم جي بي اعتماديءَ واري رٿ هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ کي محفوظ رستو ڏنو ته ٻئي طرف عمران خان کي مظلوم بنائي ڇڏيو. اها بي اعتماديءَ جي رٿ نه آندي وڃي ها ته، اُن وقت جي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ فقط ڇهن مهينن اندر مُنهن ڀر وڃي ڪِرن ها. بهرحال حقيقت ۽ ضرورت اها آهي ته، ان ڳالهه جو تجزيو ٿيڻ گهرجي ته، عوامي سياست کان طبقاتي جمهوريت ۾ حصيدار بڻجڻ تائين واري سفر ۾ پيپلز پارٽي ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو؟