نئون ديرو: پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کي 46 سال ٿي ويا آهن، پر شهيد ڀٽو اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي، اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام، پاڪستان ۽ جمهوريت سان گڏ آهي ۽ جيڪڏهن ڪو سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسان کي بچائيندو، اسان کي ڪراچي کي سرڪيولر ريلوي، موٽروي ۽ ٻيا منصوبا ڏيڻا آهن ۽ چيئرمين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاميابي جو سفر جاري آهي، پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو برداشت نه ڪندي. اسان کي بلاول ڀٽو زرداري جي طاقت بڻجي سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کي بچائڻو آهي ۽ انشاءَ الله بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو.