حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ پاران ٻٻرلي ڌرڻي ۾ وڪيلن سميت شرڪت ڪندڙ عام ماڻهن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن کي رهائش ڏيندڙن، مهمان نوازي ڪندڙ جتوئي برادري سميت ٻين مقامي برادرين جي ماڻهن مٿان سنڌ حڪومت طرفان انتقامي ڪارروائيون ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي چيو آهي ته پيپلزپارٽي سرڪار جو آمريت وارو چهرو وائکو ٿي چڪو آهي. ٻٻرلي ڌرڻي ۾ شامل ٿيندڙ وڪيلن، مھمان نوازي ڪندڙ مقامي ماڻهن، سياسي ۽ سماجي ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ پيپلز پارٽي جي قيادت جو شرمناڪ عمل آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ٻٻرلو ڌرڻو نه رڳو وڪيلن جو هو پر اهو عام سنڌ جي ماڻهن، هارين، آباد گارن، ننڍن واپارين، استادن، اديبن، شاعرن، صحافين، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن جو ڌرڻو هو، جنهن ۾ سنڌ جي سنڌياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، سرائيڪي ماڻهن، سرائيڪي ليڊر شپ، لاهور ۽ ڪوئٽا جي بارن جي وڪيل اڳواڻن شرڪت ڪئي اهي سڀ ماڻهو جس ڏيڻ جي لائق آهن. پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار آمرن وانگر ڏنڍي جي زور تي سنڌ جي ماڻهن جي پرامن جمهوري جدوجهد کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي ته سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي اهڙي آمريت کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪئنالن وارو فيصلو پيپلزپارٽي جي غلط پاليسيون اختيار ڪرڻ سبب اڃا مڪمل طور واپس نه ٿيو آهي، اهو تلوار وانگر سنڌ مٿان لڙڪيل آهي. سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ، پرائيويٽ پارٽنرشپ شپ ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ عرب ملڪن ۽ ٻين ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏنيون ويون آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌو درياءَ کي بچائڻ ۽ زمينن جي نيلامي خلاف سنڌ جي عوام جي جدوجهد جاري رهندي.