اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز لائرز فورم جون تنظيمون ٽوڙيون ويون ، ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري سيد نير حسين بخاري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو ، نير بخاري سڄي ملڪ جي پيپلز لائرز فورم جي مرڪزي، صوبائي، ڊويزنل، ضلعي، شهري تنظيمون فوري طور تي ٽوڙي ڇڏيون آهن، نير بخاري جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت وچ پنجاب لاءِ راحيل ڪامران چيما، محمد زاهد چوڌري، ساجد تنولي ايڊووڪيٽس، ڏکڻ پنجاب لاءِ محمد فيض، رسول عنايت الله، سردار عبدالعزيز لنڊ، اختر حسين ايڊووڪيٽس، سنڌ لاءِ قاضي محمد بشير، عنايت الله ماريو، فضل قادر ميمڻ ايڊووڪيٽس، خيبر پختونخوا لاءِ بيرسٽر مسعود ڪوثر ولي خان، عابد حسين شاهه ايڊووڪيٽس، بلوچستان لاءِ انوار الحق ڪاڪڙ، علاءُ الدين خلجي، علي خان ڪاڪڙ ايڊووڪيٽس تي مشتمل آرگنائيزر ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، آرگنائيزنگ ڪاميٽيون پيپلز لائرز فورم جي صوبائي، دويزنل، ضلعي عهديدارن جا نالا تجويز ڪنديون، جن جي حتمي منظوري پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏيندو.