ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ماس ٽرانزٽ اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ماس ٽرانزٽ ايڪٽ 2014ع ۾ ڪيل ترميم موجب ماس ٽرانزٽ جي بس اسٽيشن/ ڊيپو ۾ بنا اجازت داخل ٿيڻ، بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ، ماس ٽرانزٽ جي بس کي ڪنهن به قسم جو نقصان پهچائڻ يا ان جي سفر ۾ رڪاوٽ وجهڻ سزا جوڳو ڏوهه تصور ڪيو ويندو، جڏهن ته ضابطن موجب ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي. ترميم موجب جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ذيلي سيڪشن (2) تحت ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته آپريٽر کي اختيار هوندو ته هو مقرر ڪيل ڏنڊ جي وصولي ڪري، ڏنڊ جي اها رقم مقرر ڪيل اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي. جيڪڏهن ڪو به شخص مقرر ڪيل طريقي سان ڏنڊ جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيندو ته مجاز اٿارٽي اهڙي شخص کان ڏنڊ جي وصولي لاءِ مجاز فورم ۾ شڪايت داخل ڪرائي سگهي ٿي ،