پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ ڇا ڪرڻ گھرجي…!

0
52
پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ ڇا ڪرڻ گھرجي...!

 سنڌ ۾ لڳاتار چوٿون دفعو پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت اچي چڪي آھي، وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ پنھنجي نئين ڪابينا سان گڏ  صوبي ۾ چارج سنڀالي چڪو آھي. پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڌ جي ماڻھن ھر اليڪشن ۾ وڏي موٽ ڏني آھي ۽ سنڌ جي ووٽن تي پيپلز پارٽي جا ماڻھو وزير، وزيراعظم، وزير اعليٰ ۽ صدر ٿيندا رهيا آھن. مگر وڏو سوال اھو آھي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام لاءِ ڇا ڪيو آھي؟ مان انھيءَ ڳالھ کي بلڪل بليڪ اينڊ وائيٽ ۾ ڏسڻ جو حامي ناھيان، جو چوان رڳو تباھي ٿي آھي، ڪجھ يقينن ڪم بہ ٿيا آھن مگر جيڪا گورننس سنڌ ۾ ھجڻ گھرجي ھا، اُھا بد قسمتي سان ھن وقت تائين نظر نہ آئي آھي ۽ ان ڪري سنڌ جا ڪافي ماڻھو ناراض آھن. مان انھي ڳالھ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھيان اليڪشن کٽڻ انھيءَ ڳالھ جو دليل آھي تہ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ وڏو ڪم ڪيو آھي. مان اڄ صرف انھن ڪمن تي روشني وجھندس، جن کي ھاڻي پيپلز پارٽي جي حڪومت کي  ڪرڻ گھرجن. اگر سنڌ حڪومت ھاڻي ھنن مسئلن تي توجہ نہ ڏني تہ سنڌ ۾ حالات تمام گھڻا خراب ٿي ويندا.

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي ھڪ رپورٽ ڊان اخبار ۾ 23 جنوري ۾ شايع ٿي آھي، جنھن مطابق سنڌ ۾ 76 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن، ۽ سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ 39 سيڪڙو پيئڻ جي پاڻي جي سھولت نہ آھي ۽ سنڌ جي مڊل اسڪولن ۾ 41 سڪڙو بائونڊري وال ناھي ۽ 62 سيڪڙو سنڌ جي اسڪولن ۾ بجلي ناھي، جڏھن تہ پنجاب جي 100 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي موجود آھي. سنڌ جي 43 سيڪڙو اسڪولن ۾ واش روم ناھي  جن جي ڪري وڏي تعداد ۾ نياڻيون اسڪول ڇڏي وينديون آھن، جڏھن تہ پنجاب جي 99 سيڪڙو اسڪولن ۾ بارن لاءِ واش روم  موجود آھي. سنڌ ۾ 2018 ۾ اي سي استاد ڀرتي ڪيا ويا آھن، مگر اڃان تائين سنڌ جي اسڪولن ۾ اي سي جون ڪلاس نہ ٺھي سگھيا آھن. ائين ناھي تہ ڪو سنڌ گورنمنٽ وٽ پئسا نہ ھئا. ھر سال تقريبا 10 سيڪڙو تعليم جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو آھي، مگر تعليم جي ڊيولپمينٽ واري بجيٽ يا تہ ليپس ٿي ويندي آھي يا ڪرپشن جي نذر ٿي ويندي آھي ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن تي ڪم نہ ٿيندو آھي اميد ٿي ڪجي پيپلز پارٽي جي ھن دور ۾ تعليم ترجيح ھوندي.

ٻيو وڏو مسئلو سنڌ ۾ سيڪنڊري ھيلٿ جو آھي، پرائمري ھيلٿ ۾ تہ پي پي ايڇ آئي سٺو ڪم پئي ڪري مگر تعلقہ ۽ ضلع ھيڊ ڪواٽرز جي اسپتالن تي ڪا توجهہ ناھي، اتي ِغريب ماڻھن کي ڪا دوا نٿي ملي، مشينون اينديون آھن سڙي وينديون آھن، ان جو استعمال نٿو ٿئي. نقلي دوائون مريضن کي ملن ٿيون، جنھن جي ڪري مريض وڌيڪ بيمار ٿي ويندا آھن. ضلعي ۽ تعلقي اسپتالن ۾ ايڊمنسٽريشن جا وڏا مسئلا آھن. اڪثر ڊاڪٽر سفارش تي ايندا آھن جيڪي پنھنجي ڪم تي ڌيان نہ ڏيندا آھن. سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ ضلعي ۽ تعلقي جي اسپتالن تي توجہ ڏي، جئين غريب ماڻھو پنھنجو علاج ڪرائي سگھن.

ان ۾ ڪو شڪ ناھي سنڌ حڪومت صحت جا ڪجھ وڏا ادارا پڻ جوڙيا آھن، انھن اسپتالن جو ذڪر نہ ڪرڻ بہ زيادتي ٿيندي. گمبٽ ميڊيڪل سينٽر، اين آئي سي وي ڊي، ۽ ڪراچي ۾ ڪينسر اسپتال جھڙا بھترين ادارا سٺو ڪم ڪري رھيا آھن مگر جيستائين تعلقہ ۽ ضلعہ ليول تي مريضن کي بھترين علاج نہ ملندو، تيسيتائين صحت جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي بھتر نتيجا نہ ملي سگھندا.

سنڌ حڪومت کي بلدياتي سروس کي بھتر ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڪراچي کانسواءِ ڪنھن شھر ۾ ماڻھن لاءِ بلدياتي ادارا بھتر ڪم نٿا ڪن. ضلعي ۽ دويزن ھيڊ ڪوارٽرز ۾ پڻ ڪو خاص ڪم نٿو ٿئي. شھرن جي اندر جا رستا نٿا ٺھن، سيوريج نظام ڪم نٿو ڪري. صفائي جو ڪو خاص ڪم نٿو ٿئي ۽ انڪري اڪثر ماڻھو پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪن ٿا تہ پي پي سنڌ جا شھر تباھ ڪري ڇڏيا آھن. سو سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي شھرن ۾ صفائي مھم ھلائي ۽ سنڌ جي شھرن کي صاف ڪري.

پوئين حڪومت ۾ وزيراعليٰ مراد علي شاھ پلاسٽڪ بيگز تي پابندي ھنئي ھئي مگر انتي عمل نہ ٿي سگھيو. پلاسٽڪ بيگز پڻ گندگي جو وڏو سبب آھن، ۽ سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ پلاسٽڪ بيگز تي ھڪ دفعو وري پابندي لڳائي ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرائي.

سنڌ حڪومت کي پبلڪ سروس ڪميشن کي بھتر ڪرڻ جي ضرورت آھي، جيئن سنڌ ۾ بھترين آفيسر ڀرتي ٿي سگھن. سنڌ جي ماڻھن کي وڏي شڪايت آھي تہ سنڏ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پئسن ۽ سفارش تي مارڪون ملن ٿيون. سڀني کي خبر آھي ھڪ سفارش واري لسٽ “مٿان” کان ڪميشن ۾ پھچي ٿي ۽ انکان سواءِ حڪومتي اهلڪار پنھنجن مائٽن ۽ دوستن جون سفارشون ڪندا ۽ پئسا پڻ ھلندا آھن. انڪري ِغريب جيڪو محنت ٿو ڪري انکي حق نٿو ملي. اگر سنڌ حڪومت سنڌ پبلڪ سروس ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ شروع ڪئي ان ۾ سنڌ حڪومت جي وڏي نيڪ نامي ٿي سگھي ٿي. سنڌ ۾ ھڪ اھم مسئلو ڌاڙيل آھن، جيڪي غريب ماڻھن جو اپر سنڌ ۾ جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي، مان پاڻ ڌاڙيلن کان اغوا ٿي چڪو آھيان، انڪري مان جڏھن ڪنھن ماڻھو جي اغوا جو ٻڌندو آھيان، مونکي تمام گھڻي تڪليف ٿيندي آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي سنڌ جا سردار ۽ وڏيرا پالين ٿا ۽ مال ڪمائين ٿا. ڪالھ بہ پنجاب سنڌ جي بارڊر تي وڏي تعداد ۾ اسلحو مليو آھي، جيڪو سنڌ ۾ غير قانوني ڌاڙيلن وٽ اچي رھيو ھو، مگر پنجاب پوليس ان کي پڪڙي ورتو. سنڌ حڪومت کي گھرجي ڪا اسپيشل فورس تيار ڪري ۽ ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪري، جيڪي وڏيرا ۽ سردار ان ۾ ملوث آھن انھن خلاف بہ ايڪشن کڻي جئين سنڌ ۾ امن امان ٿي سگھي. سنڌ ۾ ٻيا بہ ڪافي مسئلا آھن، مگر اگر سنڌ ۾ مٿي ذڪر ڪيل مسئلن تي ڌيان ڏي تہ سنڌ ۾ خراب حڪمراني وارو تاثر ختم ٿي سگھي ٿو.