اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هڪ ڏينهن اڳ ٿيل سي اي سي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي اهي، جنهن ۾ سي اي سي پنجاب جي ميمبرن نگران صوبائي حڪومت خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. ذريعن موجب اجلاس ۾ پنجاب جي ميمبرن چيو ته پنجاب جي سيٽن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جيڪي چونڊجي آيا آهن اهي ته مقابلي ۾ ئي نه هئا، کٽيل سيٽن تي نگران صوبائي حڪومت انتظاميا جي مدد سان اسان جي ڪاميابي کي شڪست ۾ بدلايو. ذريعن موجب پيپلزپارٽي جي سي اي سي پ پ بلوچستان کي ڀيٽا پيش ڪندي صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب سي اي سي ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته بلوچستان ۾حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻين پارٽين سان رابطن لاءِ ڪاميٽي جوڙي ويندي.