اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي وفاقي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو، بجيٽ جي منظوري کان اڳ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز ليبر بيورو جي انچارج چوڌري منظور احمد چيو آهي ته اميرن اميرن جي بجيٽ ٺاهي آهي، عوام لاءِ ڪجهه به نه آهي، اشرافيه جي هر طبقي جي بجيٽ وڌائي وئي آهي، ڇا سموري مالي مشڪلات غريبن جي لاءِ آهي ؟ هن چيو ته احتجاج جي لاءِ سڄي ملڪ جي ٽريڊ يونينز سان رابطا ڪري رهيا آهيون، ڪابينا، پارليامينٽيرينز سميت سموري اشرافيه جي پگهارن ۾ واڌ مالي فحاشي آهي، هن چيو ته 10 سالن بعد پينشن بند ڪرڻ جو حڪومتي فيصلو انتهائي ظالماڻو قدم آهي، پورهيت جو وارو آيو ته چون ٿا مهانگائي جي شرح موجب واڌ ٿيندي.