اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز لايرز فورم سينٽرل پنجاب جي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق راحيل ڪامران چيما ايڊووڪيٽ کي پيپلز لايرز فورم سينٽرل پنجاب جو صدر، ساجد خان تنولي کي پيپلز لايرز فورم سينٽرل پنجاب جو جنرل سيڪريٽري جڏهن ته شاهد عباس ايدووڪيٽ کي پيپلز لايرز فورم لاهور ڊويزن جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي.