حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻن. نور احمد ڪاتيار، صدر حورالنساءِ پليجو، نور نبي پليجو، ماهه نور ملاح ۽ حسنه راهوجو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي مختلف طريقن سان سنڌي قوم جي جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، پر سنڌي قوم پيپلز پارٽي جي مڪر کي سڃاڻي چڪي آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا رد ڪرائڻ تائين جدوجهد جاري رکندي. هنن چيو ته هي جدوجهد فقط ڇهه نون ڪئنالن خلاف ناهي بلڪه گذريل 172 سالن جي ڌاڙي جو حساب وٺڻ لاءِ سنڌي قوم سراپا احتجاج آهي. پنجاب جا حڪمران 1853ع کان سنڌ جو پاڻي چورائي رهيا آهن. سنڌي قوم پيپلز پارٽي جي مڪر کي ناڪام بڻائي پنهنجي درياءَ جي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي جو حساب وٺندي. هنن چيو ته جنرل ايوب سنڌو درياهه کي ڀرتي ڪندڙ ٽي نديون هندستان کي وڪرو ڪيون، انهن ٽن ندين ۾ سنڌ 50 سيڪڙو جي ڀائيوار آهي. پر پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي اجازت کانسواءِ سڄيون ساريون ٽي نديون هندستان کي وڪرو ڪيون. 1960ع وارو سنڌ طاس معاهدو جنهن تحت ٽي نديون هندستان کي وڪرو ڪيون ويون ان معاهدي جي ڪا به قانوني ۽ آئيني حيثيت ناهي، هي معاهدو هڪ طرفو ۽ پنجاب جي بالادستي وارو معاهدو آهي، سنڌي قوم جو مطالبو آهي ته سنڌ کي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.