پيپلزپارٽي جي ڪاميابي خلاف ڌرڻا هڻندڙ جماعتون عوام جي توهين ڪن پيون: نثار کهڙو

0
110

پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڌرڻن تي ردعمل ڏنو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي خلاف ڌرڻا هڻندڙ جماعتون عوام جي فيصلي جي توهين ڪري رهيون آهن، عوام جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته ڌرڻا هڻي عوام جي بي عزتي نه ڪيو

پنهنجي بيان ۾ نثار کهڙي چيو ته سنڌ ۾ پ پ مخالفن جا ڌرڻا عوام جي خلاف آهن، عوام جي فيصلي جي ڪاوڙ عوام مان نه ڪڍي وڃي

هن چيو ته  عوام خلاف اتحاد ٺاهيندئو ته عوام به اهڙا ئي فيصلا ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو، پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن ٻي جماعت کي گڏ ملائڻ جي ضرورت نه آهي

نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ مخصوص سيٽن سميت 110 اميدوارن جي حمايت حاصل هوندي