ٺٽو (رپورٽر) زڪوات، عشر، اوقاف ۽ مذهبي مامرن واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيو آھي ته ڪئنالن واري معاملي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پھرين ڏينھن کان چٽو موقف آھي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پاڻي معاملي تي ارسا ۽ سي سي آءِ کي خط به اماڻي چڪو آھي، جڏهن ته ڪينالن کي سنڌ جو ماڻھو ڪڏھن به قبول نه ڪندو، پريس ڪلب ٺٽي ۾ سينيئر صحافي ڊاڪٽر شاھد صديقي جي ڀاءُ ڊاڪٽر خرم شھود جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ سنڌ جي ماڻھن کي ڪڏھن به اڪيلو نه ڇڏيندي، ڪجهه ضلعن اندر قبيلائي جھيڙن جي ڪري امن امان جي صورتحال خراب ٿي آھي، جنھن کي گھرو وزير بھتر بنائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھيو آھي، ھن چيو ته ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ بدين ضلعن ۾ مختلف وقتن تي پاڻي کوٽ جو مسئلو پيدا ٿيندو آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي عدم فراھمي سبب لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آھي ۽ ڪينال ٺھيا ته سڀ کان وڌيڪ لاڙ متاثر ٿيندو.