ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ تي نون ڪئنالن واري منصوبي خلاف سنڌ ۾ حڪومتي جماعت پيپلزپارٽي پاران به احتجاج شروع ڪيو ويو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 4 اپريل تي حڪومت ۾ هجڻ يا نه هجڻ بابت اعلان ڪندو. ان ڏس ۾ ڪالهه ڪراچي ۾ ملير، ڪورنگي، ڪياماڙي سميت 7 ضلعن ۾ پ پ پاران مظاھرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني خطاب ڪندي چيو ته وفاق هوڏ تان نه لٿو ته پيپلز پارٽي مسئلا حل ڪرڻ ڄاڻي ٿي، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ اڳ ئي عدم استحڪام آهي، اسان کي مجبور نه ڪريو جو سنڌ ۾ به عدم استحڪام ٿئي، پ پ اڳواڻ نبيل گبول چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان حڪومت ۾ هجون ۽ احتجاج به ڪريون، اُميد آهي ته 4 اپريل تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو حڪومت بابت ڪو اعلان ڪندو، 4 اپريل تي واضح ٿيندو ته ڪئنال ٺهندا يا شهباز حڪومت رهندي؟ ريلي ۾ پ پ اڳواڻ وقار مھدي، ايم پي اي ندا کھڙو، سعديه جاويد، آغا صائمه ۽ شازيه سينيٽر انور لال دين انور ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا هوڏانهن ملير ۾ پ پ جي ضلعي صدر ۽ ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، صوبائي وزير شاهينه شير علي، خاص معاون سليم بلوچ، امان الله مسعود، ايم پي اي ساجد جوکيو، ايم اين اي آغا رفيع الله، ٽائون چيئرمينن نظير ڀٽو، جان محمد بلوچ، شاهجهان خان، آغا طارق پٺاڻ، حاجي علي احمد جوکيو، داد ڪريم بلوچ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏم مظاهرو ڪيو ويو هوڏانهن حيدرآباد “پيپلز پارٽي پاران صوبائي صدر نثار کهڙو جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياھ تي 6 ڪئنالن جي اڏاوت واري منصوبي خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي ريلي، پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو ريلي ۽ احتجاجي مظاهري ۾ مولا بخش چانڊيو، عاجز ڌامراھ، اظهر سيال، وسيم راجپوت، احسان ابڙو، جبار خان، ميئر ڪاشف شورو، صغير قريشي ۽ ٻين اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن جي شرڪت ڪئي. ڄامشورو پ پ ايم پي اي شام سندر آڏواڻي، پ پ جي ضلعي جنرل سيڪريٽريءَ ڊاڪٽر موھن لال ڪوھستاني، سپاف ضلعي صدر فياض جمالي، سورج ڪمار اڪراڻي، ممتاز راهوجو، ڪمال خان ڇڇر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪينالن خلاف مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊي محمد خان ۾ پ پ طرفان ايم پي اي ۽ ضلعي صدر سيد اعجاز حسين شاھ بخاري ، ايم پي اي خرم ڪريم سومرو ، ضلعي نائب صدر پير عاقب جان سرهندي ، ضلعي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر ميرحسن ملاح ، ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين غلام مصطفى جت ، يوٿ ضلعي صدر سيد سلال شاھ بخاري ، ميونسپل چيئرمين سيد شاهنواز شاھه، تعلقي بلڙي شاھه ڪريم جي صدر ڊاڪٽر ايوب جت ، ٽنڊوغلام حيدر تعلقي جي صدر امير سلطان چانڊيو ، پ پ ليڊيز ونگ جي ضلعي صدر نصرت ميمڻ ، ضلعي جنرل سيڪريٽري نسرين مڱڻهار ، پيپلز ليبر بيورو جي صدر عبدالحڪيم دستي، پ پ سٽي جي صدر معشوق ڀٽي، جنرل سيڪريٽري جمن ڪيهر ، ڪائونسلر شفيق احمد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري حيدرآباد بدين روڊ تي طويل احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ، دادو ۾ ڪئنالن خلاف پ پ جي ريلي ڪڍڻ دوران پوليس پاران 3 پوليس موبائيل بيهاري ڪچهري روڊ بند ڪيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ تي شهري پوليس تي مڇرجي پيا، اهلڪارن سان جملن جي ڏي وٺ ڪندي سخت احتجاج ڪيو آهي. ان کان اڳ پ پ ايم اين اي رفيق جمالي ، ايم پي اي فياض احمد ٻٽ ، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو ، ڊاڪٽر سجيلا لغاري ۽ ضلع ڪائونسل جو چيئرمين محمد شاھ جي اڳواڻي ۾ دادو، جوهي ، سيتا، ڪي اين شاھ ، ڦلجي اسٽيشن سميت ننڍن وڏن شهرن مان پهتل سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي نيو بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ڦلجي اسٽيشن ۾ سپاف دادو ضلعي صدر قاضي علي محمد قريشي پ پ پ اڳواڻ سجاد سليم منگي ،شڪيل پنھور ،محمد يعقوب کھرو، امان الله پنھور،سيد مھراڻ شاھ،علي گل ريٽي، مجيد خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار ۾ پ پ جي جنرل سيڪريٽري باغي غلام محمد ڪنڀار ۽ ذوالقرنين کوکر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ٺٽو ۾ نثار د کهڙو ، صادق ميمڻ ، محمد علي ملڪاڻي ، عاشق حسين زرداري، رياض شاھ شيرازي ، اياز شاھ شيرازي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻُو هنيو ويو. بدين ۾ عاجز ڌامراهه، اصغر ھاليپوٽو،ياسمين شاھ، تاج محمد ملاح غلام علي ٽالپر، اسماعيل راھو، الھبخش ٽالپر، پير محمد صالح قريشي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. عمرڪوٽ ۾ ڇھن ڪئنالن جي تعمير خلاف ڊاڪٽر نور علي شاھ، تيمور ٽالپر حاجي بقا پلي، برھان ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.مٺي ۾ ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ۽ سشيل ملاڻي جي اڳواڻي ۾ صادق فقير چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ميرپورخاص ۾ ۽ ايم اين اي آفتاب شاھ جيلاني، ايم اين اي منور ٽالپر، ذوالفقار شاھ، ايم پي اي نور ڀرڳڙي جي اڳواڻيءَ ۾ جيلاني ھائوس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. سکر ۾ ارسلان شيخ، ارشد مغل، ويرم مهر، زيرڪ شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ پ پ پاران سالم زرداري، ڊپٽي اسپيڪر مصطفيٰ شاهه، غلام قادر چانڊيو، اڪبر جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊوآدم ۾ پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو، زاهد عمراڻي، عبدالرزاق ماڪوڙاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي، خانپورمهر ۾ عبد الله شاھ، عبدالعزيز مهر، دستگير مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي، خيرپور ۾ نفيسه شاهه، جاويد شاهه، اعجاز کهڙو ۽ نواب وساڻ جي اڳواڻي ۾ ريليون نڪتيون،ھالاڻي ۾ ابرار علي شاھ، عاقل شاھ ظاهر نانگراج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، نوشهروفيروز ۾ پ پ پاران سھيل اختر عباسي، مسرور راڄپر، امير بخش راڄپر، ذوالفقار بھڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ميرپورماٿيلو ۾ پ پ پاران سڪندر لاکو، ڪامريڊ ڪاڪو رام، غلام حسين سومرو، رياض ميراڻي، منظور جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، غوثپور ۾ پ پ پاران ٽائون چئيرمين مير عبدالنبي،سندراڻي، ڊاڪٽر نظيرشاھ، حبيب الرحمان شاهه، وڪيل فاروق سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين قمرالدين گوپانگ، اعجاز بروهي، غلام محمد اسراڻ، ريحان چانڊيو،محمد پنهل سومرونيازچانڊيو،مجيب ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڀٽو چوڪ تي جلسو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته وفاق تڪراري ڪئنال منصوبو واپس نه ورتو ته ڪمون شهيد تي ڌرڻو هڻي پنجاب جا رستا بند ڪنداسين، جڏهن ته احتجاج ۾ قمبر ضلعي مان چونڊيل 4 ايم پي ايز ۽ 2 ايم اين ايز مان ڪو به شامل نه هيو. ڪنڌڪوٽ ۾ گل محمد خان جکراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي لائيبريري چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو، ميڙاڪي کي شبير علي خان بجاراڻي، الطاف خان کوسو. راشد خان سندراڻي.صادق حسين گولاٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ ايم پي اي جميل احمد سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جي ذوالفقار باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ايم اين اي نظير احمد ٻگهيو، اعجاز لغاري، طارق انور سيال سميت فنڪارن به شرڪت ڪئي. شڪارپور ۾صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو، ايم اين اي شھريار مهر، ايم پي اي آغا سراج دراني، ايم پي اي محمد عارف خان مهر، ذوالفقار علي ڪماريو جي اڳواڻي ۾ ڀيو ھائوس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.