اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جو عوام کي رليف، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽتائي ڪئي وئي. پيٽرول جي قيمت ۾ 2.07 رپيا في لٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.40 رپيا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي. لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 1 رپيو 03 پئسا في لٽر جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 57 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 247.03 رپيا، ڊيزل جي نئين قيمت 246.29 رپيا، گاسليٽ 154.90 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 140.90 رپيا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نيون قيمتون رات کان لاڳو ٿي چڪيون آهن جيڪي 15 ڏينهن لاءِ هونديون،وزيراعظم جي هدايتن تي حڪومت گذريل ٻن مهينن دوران پيٽرول جي قيمت ۾ 28 رپيا 57 پيسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 37 رپيا 51 پيسا گهٽتائي ڪئي آهي.