لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي سفارش باوجود پيٽرول جي قيمت 15 رپيا في لٽرگهٽ نه ڪرڻ جو قدم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. وزيراعظم جي سفارشن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ اظهر صديق درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي پيماني تي گهٽتائي ٿي آهي. وزيراعظم پيٽرول جي قيمت 15 رپيا في لٽر گهٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي سفارش رد ڪري غيرقانوني قدم کنيو. درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي ته عدالت وزيراعظم جي سفارش موجب پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري  ڪري. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا 50 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 90 پئسا گهٽ ڪرڻ جي هدايت جي ابتڙ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 74 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 86 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي.