اسلام آباد (م ڊ) حڪومت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ڪرڻ جا امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول 10 کان 14 ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 14 کان 16 رپيا مهانگو ٿي سگهي ٿو، گاسليٽ به اٽڪل 10 رپيا في لٽر مهانگو ٿيڻ جا امڪان آهن، پيٽروليم صنعت جي شين جي اگهن ۾ واڌ ڊالر ۽ روپئي جي مُلهه ۾ لاهن چاڙهن جي روشني ۾ ڪئي ويندي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بعد ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو آهي، پيٽروليم شين جي اگهن بابت اڄ فيصلو ڪيو ويندو.