اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽرول ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنيز پاران پاڪستان ۾ ايندڙ ٽن سالن دوران 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪمپنيز پاران اهڙو اعلان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران ڪيو ويو، پيٽروليم ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪمپنيز پاران وزيراعظم جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، پي ايم آفيس جي پڌرائي موجب ڪمپنيز جي وفد چيو ته هن شعبي تي ڌيان ڏيندڙ پهريان وزيراعظم آهيو، ٽن سالن دوران 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ گيس جي ڳولا لاءِ 240 هنڌن تي کوٽائي ڪئي ويندي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  پاڪستان ۾ مقامي سطح تي پيٽرول ۽ گيس جي ڳولا اسان جي پهرين ترجيح آهي، پاڪستان تيل ۽ گيس جي درآمد تي هر سال اربين ڊالر خرچ ڪري ٿو، مقامي ذخيرن جي پيداوار سان پاڪستان جو مٽا سٽا وارو قيمتي ناڻو بچي پوندو ۽ عام ماڻهو لاءِ گيس ۽ ٻارڻ سستو ٿي ويندو، وزيراعظم واڳيل شعبي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهيءَ ۾ سيڪريٽريز ۽ ماهرن جي هڪ ڪاميٽي به قائم ڪري ڇڏي، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير، گورنر اسٽيٽ بينڪ به شريڪ ٿيو.