اسلام آباد (م ڊ) عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستان ۾ پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل لاٿ کانپوءِ هن ڀيري نگران حڪومت طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ جو چٽو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت طرفان 31 جنوري کان 15 فيبروريءَ تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ في لٽر 9 رُپيا واڌ جو امڪان آهي جڏهن ته قطعي فيصلو آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي ( اوگرا ) جي تجويز کانپوءِ ڪيو ويندو. واضح رهي ته پيٽروليم شين جا اگهه آخري ڀيرو پهرين نومبر 2023ع ۾ وڌايا ويا هئا، جنهن کانپوءِ پيٽروليم شين جي قيمت ۾ مسلسل لاٿ ٿيندي رهي.