پيٽرول گردي ۽ مهانگائي عوام آخر ڪيڏانهن منهن ڪري؟

0
59

ماڻهو ڏاڍا بي رحم آهن. تاريخ ڏاڍي بي رحم ٿيندي آهي. پرين تون ڏاڍو بي رحم آهين. لفظ بي رحم بيان ڪيل جملن ۾ جاءِ ته برابر والاري ٿو پر ٽنهي جملن ۾ لفظ بي رحم جو مطلب ۽ معنى مختلف هجي ٿي. جڏهن اسان هي چئون ته ماڻهو ڏاڍا بي رحم آهن. ته اسان جو مطلب اهو سماج هوندو آهي جنهن ۾ هر طرف بيوفائي، ٻيائي ۽ دوکي جو عالم پنهنجي پوري قوت سان موجود هوندو آهي. تاريخ ڏاڍي بي رحم ٿيندي آهي جو مطلب به ڪو ايڏو ڏکيو نه آهي. تاريخ جي بي رحمي مان اسان جي مراد اسان جون اهي غلطيون هونديون آهن جن مان اسان نه سکندا آهيون ۽ پوءِ تاريخ اسان کي سهڻي نموني سان سبق پڙهائي ڇڏيندي آهي. جيئن پاڪستان جو ٺهڻ (هندستان جي مخصوص حالتن سبب) ۽ وري ٽٽڻ (پاڪستان جي مخصوص حالتن سبب بنگلاديش جو آزاد ٿيڻ). يعني برطانوي هندستان ۾ جڏهن دورانديش سياستدان، سطحي سوچ رکندڙ سياستدانن ۽ عوام کي هي باور ڪرائي رهيا هئا ته گڏيل هندستان ۾ گڏجي رهڻ ۾ ئي ٻنهي اڪثريتي مذهبي پيروڪارن جي لاءِ  ڀلائي آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۽ انڊيا نالي ٻه ملڪ وجود ۾ آندا ويا ته نفرتن جي اها باهه ٻرندي رهندي جنهن کي وسائڻ جي لاءِ عام عوام کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو. پر سطحي سوچ رکندڙن هنن ڳالهين تي ڪنهن به قسم جو ڌيان نه ڏنو ۽ نتيجو سامهون آهي.

هندستان جي ورهاڱي بابت تاريخ اسان کي هي به ٻڌائي ٿي ته جيڪي منصوبا آخري وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن جي ٽيبل تي هئا انهن ۾ هڪ اهڙي رٿا به ويچار هيٺ هئي جنهن جي مطابق هندستان کي ڪيترن ئي آزاد ملڪن / رياستن ۾ ورهائڻ به شامل هو پر هڪ ته اها رٿا نهرو سان ونڊڻ سبب سخت مخالفت جي ور چڙهي وئي ۽ ٻيو جناح صاحب جي امڪاني مخالفت به هن جي سامهون هئي سو بيٽن مناسب سمجهيو ته هندستان جي عوام کي اڪثريتي مذهبي علائقن جي بنياد تي ڪنهن به هڪ پاسي بيهڻو پوندو يعني هندستان يا پاڪستان. وڌيڪ بحث ۾ نٿا پئون باقي سڀ اتهاس آهي.

وري جڏهن چئون ٿا ته پرين تون وڏو بي رحم آهين ان جو مطلب هي بيهي ٿو ته اسين جنهن سان محبت ڪيون ٿا اهو پرين پيارو اسان سان ڪهڙا ڪهڙا ڪهر ڪري ٿو پر اسين آهيون جو ان جا ناز، نخرا، ستم، ظلم ۽ الائي ڇاڇا پنهنجي سر تي کڻي سرن جا سودا ڪندا رهون ٿا پر ٻڙڪ به ٻاهر نٿا ڪڍون. هن قسم جي بي رحمي اسان جي روح جي لاءِ جيئاپي جي خوراڪ ته هجي ٿي  پر ٻئي پاسي اها اسان جي شخصيت کي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ڪري اسان جي سماجي سڃاڻپ کي ميساري به ٿي.

دنيا جون زميني حقيقتون ڏاڍيون ظالم ٿينديون آهن. سال 2000ع يعني نائن اليون واري واقعي کانپوءِ اسان ۽ توهان ڏسي رهيا آهيون ته زميني حقيقتن ڪيئن نه ملڪن جي سياسي ڌارائن ۽ پاليسين کي مٽائي ڇڏيو آهي. طاقتور ملڪ، ٻين ملڪن خاص طور تي معاشي ۽ سياسي طور تي ڪمزور ملڪن جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ، انهن ملڪن ۾ سياسي ۽ مذهبي افراتفري کي جيئن جو تيئن رکڻ ۽ پنهنجي اثر کي قائم رکڻ لاءِ انهن ملڪن جي حڪومتن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ جن جن گروهن، مذهبي تنظيمن ۽ فرقن جي فنڊنگ ڪندا رهندا هئا انهن مان ايئن هٿ ڪڍي ويا ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. ملڪن تي زور بار وجهڻ لڳا ته بيان ڪيل تنظيمن، گروهن مان نه صرف هٿ ڪڍن پر ڀرپور ايڪشن وٺي هنن جو صفايو ڪن. سبب هي ڏنن جيئن ته اهي سڀ هاڻي دنيا جي امن جي لاءِ وڏو خطرو آهن سو هنن جي خلاف موثر قدم کڻي ٻنجو ڏنو وڃي.

2000ع کانپوءِ پاڪستان جي پاليسين ۾ ڦيرو ته آيو پر اهو صرف دنيا کي ڏيکارڻ جي لاءِ پر نيتون ساڳيون رهيون. ڦيرو هي آيو ته هاڻي ڪنهن به سياسي حڪومت جو تختو اونڌو نه ڪيو ويندو پر ان کي پنهنجي اثر جي تابع ۽ داٻي هيٺ رکڻ جي لاءِ پردي پويان رهي حڪومتي عهدن تي براجمان ٿيندڙ ماڻهن کي پتلي تماشي وانگي ڏورين تي نچايو ويندو. 2000ع کانپوءِ پاڪستان ۾ بظاهر ته گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي پر ماحول اڃان به پي ٽي وي جهڙو آهي توڙي جو سوين نيوز ۽ تفريحي چينل کلي ويا آهن. بظاهر سياسي حڪومتون آهن ۽ اهي پنهنجو آئيني مدو به پورو ڪري رهيون آهن پر ڪوبه وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ڪري نه سگهيو آهي. ماضي ۾ هر حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ هڪ فوجي سربراهه جيڪو ملڪ جو هٿ ٺوڪيل صدر به هوندو هو حڪومتن مٿان لٽڪيل تلوار وانگي هر وقت موجود هوندو هو. هن کانپوءِ وري ففٽي ايٽ (2) بي جي ظالماڻي آئيني شق جنهن کي ملڪ جي پهرين ۽ نه وسرندڙ مها فوجي آمر جنرل ضياالحق پاران آئين ۾ زبردستي پيوند ڪيو ويو ۽ هر سياسي حڪومت کي ڪو نه ڪو جواز ڄاڻائي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو رهيو.

هاڻي وري يعني 2000 ع کانپوءِ عدالتن جي مدد سان حڪومتن کي داٻي هيٺ رکڻ جا جديد ۽ قانوني رستا هموار ڪيا ويا آهن مڃئون ٿا ته ٻن سياسي حڪومتن (پ پ پ ۽ مسلم ليگ  ن) پنهنجو پنهنجو آئيني مدو ته پورو ڪيو پر ٻنهي پارٽين جي حڪومتن پنج سال عدالتن جا چڪر ڏيندي ڪاٽي ڇڏيا ۽ هنن ڏهن سالن ۾ نه ملڪ جو ڀلو ٿيو ۽ نه وري عوام جو پر ٻنهي جي حڪومت ملڪ ۾ بجلي جي بحران تي قابو پائڻ جي لاءِ جيڪي پاور پروجيڪٽس شروع ڪيا ۽ ملڪ ۾ موٽر ويز جو جيڪو ڄار وڇايو انهن جو سڄو فائدو عمراني سرڪار کي ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو 2018ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ ملڪ تي پي ٽي آئي جي حڪومت آهي ۽ چوڻ وارا چون ٿا ته بظاهر  ته پي ٽي آئي جي حڪومت آهي پر ڏوريون انهن وٽ ئي آهن جيڪي هن ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ هجڻ سان گڏ ملڪ کي ريئل اسٽيٽ ڪاروبار ۾ تبديل ڪري خوب ڪمائي رهيا آهن.

پاڪستان ۾ جيئن ته سياسي نظام سدائين غير يقيني جو شڪار هوندو آهي  ڪڏهن ان  جون زرخيز زمينون، تار وهندڙ درياءَ، سمنڊ، هوائون ۽ موسمون به سياسي ٿي وڃن ٿيون، جانور، رات ڏينهن، صبح منجهند شام، گهرن، هوٽلن تي تيار ٿيندڙ طعام ۽ اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ پڙهائيندڙ استاد به سياسي ٿي وڃن ٿا. ايئن ڀلا ڇو؟ اهو انهيءَ ڪري ته ان ملڪ ۾ هر موجود شيءَ چاهي پوءِ اها ساهه واري هجي يا بي جان پنهنجي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندا رهن ٿا ۽ بقا جي جنگ وڙهڻ جو صاف مطلب هي آهي ته اها جنگ سياست ڪرڻ کانسواءِ وڙهي نٿي سگهجي. مثال عمراني سرڪار جو ملين ٽري منصوبو. هر آئي ڏينهن پيٽرول گردي ڪري اگهه وڌائڻ جي سبب ۽ هر شيءَ تي هر قسم جي ٽيڪس رکڻ، نتيجو هي نڪتو آهي جو زندگي جي بقا جون شيون جن ۾ خاص کاڌ خوراڪ ۽ دوائون اچي وڃن ٿيون تمام گهڻيون مهانگيون ٿي ويون آهن ۽ عوام هڪ طرف هن ملڪ ۾ جيئڻ جي ڳري قيمت ادا ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف ٻچڙن کي بکيو ڏسڻ واري پيڙا جي شدت کي محسوس ڪندي خودڪشيون ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجا ٻار کپائي رهيو آهي. هن کي چئبو آهي ٻٽو عذاب. ٻٽي عذاب ماڻهن جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي حق گهري رهيا آهن انهن کي يا ته کنڀيو ٿو وڃي يا وري ماريو وڃي ٿو.