اسلام آباد: پيٽرول پمپن سوڌو دڪانن تي به روڪ خريداري تي واڌو ٽيڪس جي تجويز غور هيٺ آهي، ذريعن موجب پيٽرول پمپ تان روڪ رقم عيوض تيل خريد ڪرڻ تي 3 رپيا واڌو اوڳاڙي جي تجويز غور هيٺ آهي، ان سان پيٽرول پمپ تي ٽيڪس چوري ۽ ملاوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، پيٽرول پمپس تي روڪ رقم سان گڏ ڊجيٽل ادائگي جا قدم به کنيا ويندا، ڪيو آر ڪوڊز، ڊيبٽ، ڪريڊٽ ڪارڊز ۽ موبائل ادائگي جا قدم کنيا ويندا، ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته دڪانن تي به روڪ رقم عيوض خريداري تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، خريدار ٽيڪس ادا ڪرڻ بعد روڪ رقم تي خريداري ڪرڻ لاءِ آزاد هوندا.