اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن به پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي خلاف احتجاج،  بجيٽ تي به بحث، جي ڊي اي  ميمبر سائره بانو غربت جي خاتمي  بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرپرسن جي حيثيت ۾ مليل پيٽرول ڪارڊ واپس ڪري ڇڏيو فصل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ شروع ٿيو، جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته چترال ۾ بجلي گهر آهي پر اتي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، اجلاس  دوران جي ڊي اي جي سائره بانو ڳالهائيندي چيو ته حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرايو آهي، ملڪ ۾ پيٽرول شين جون قيمتون عروج تي پهچي ويون آهن، جيڪي ماڻهو رڪشا هلائي پنهنجو روزگار ڪندا هئا اهي پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب رڪشا ساڙڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ضمير گوارا نه ٿو ڪري ته مان قومي اسيمبلي جي غربت جي خاتمي واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرپرسن طور مليل پيٽرول ڪارڊ ذريعي سرڪاري پيٽرول استعمال ڪيان، مان اهو پيٽرول ڪارڊ اوهان کي واپس ڪيان ٿي، اهو ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو حق ناهي، جي ڊي اي جي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته هن حڪومت جي دعويٰ هئي ته پيٽروليم قيمتون نه وڌايون وينديون پر پيٽرول قيمتون وڌي رهيون آهن، نوابشاهه سان تعلق رکندڙ رڪشا ڊرائيورن ان خلاف رڪشا ساڙي ڇڏيا آهن، جي ڊي اي جي ميمبر سائره بانو پاران پيٽرول ڪارڊ واپس ڪرڻ کي ساراهيان ٿي، اميد ڪيان ٿي ته هر وزير ائين ڪندو، اهي خرچ برداشت ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته ٻين اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن سوڌو پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين کان به پيٽرول ڪارڊ واپس ورتا وڃن. وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته فهميده مرزا سان اتفاق ڪيان ٿو پر فهميده مرزا جنهن جي ڪابينا ۾ وزير هئي ان گهر کان آفيس هيليڪاپٽر تي اچڻ لاءِ هڪ ارب رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، کيس ان تي به اعتراض ڪرڻ گهرجي ها، هن چيو ته ڪا به حڪومت چئن هفتن ۾ معيشت جو ٻيڙو غرق نه ٿي ڪري سگهي، 4 سالن جا مامرا هن حڪومت تي وجهڻ مناسب نه آهي، هن وقت انهن حالتن ۾ بيٺل آهيون جن ۾ ڪا به ڪنهن به وقت بري خبر ملي سگهي ٿي، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو ته فهميده مرزا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته چيئرمين طور پيئڻ جي پاڻي کان چانهن تائين جا پيسا پنهنجي کيسي مان خرچ ڪيون ٿا، سرڪاري گاڏي استعمال نه ڪندو آهيان،اڳوڻي حڪومت لکين رپين  عيوض ماڻهو رکيا هئا، ڪاش انهن ليڊرن کي به احساس ٿئي جيڪي جلسن ۾ به هيليڪاپٽر تي وڃن ٿا، هن چيو ته ايوان ۾ بجلي جو وزير ناهي، منهنجي تڪ اندر 6- 7 ڏينهن کان بجلي ناهي، عمران خان پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدو ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي، اگر مفتاح اسماعيل ڪو نئون معاهدو آءِ ايم ايف سان ڪيو آهي اهو به پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي،  حڪومت ۾ اچڻ کان پهريان مفتاح اسماعيل ڀڙڪيون هڻندو هو،هاڻي هو ڪٿي آهي؟، پيپلز پارٽي جي سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته حڪومت ڪم ڪري رهي آهي ستل ناهي، مير منور ٽالپر چيو ته اڳوڻي حڪومت 4 سالن ۾ ڪجهه نه ڪري سگهي، سنڌ ۾ 15 کان 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيڻ معمول بڻيل آهي، ڀلي ڊيم جيترا به ٺاهيو پاڻي موجود ئي ناهي، شگفته جماڻي چيو ته عام تعليم سان گڏ ديني مدرسن لاءِ به بجيٽ مختص ڪرڻ گهرجي، چونڊون سياسي حل ضرور ٿي سگهن ٿيون پر معاشي حل ناهن، هن ملڪ جو حل ٽيڪنوڪريٽس وٽ ناهي سياسي ماڻهن وٽ آهي، هاڻي ٽن وقتن جي ماني ممڪن نه رهي آهي.