اسلام آباد(م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ به ايندڙ هفتي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي، پيٽرول 13 کان 15 رپيا، ڊيزل 11 رپيا في لٽر سستو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اوگرا قيمتن تي نظرثاني بابت پنهنجون سفارشون تيار ڪندي ۽ ناڻي واري وزارت قيمتن تي نظرثاني کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.