اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف عوام کي رليف ڏيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ھاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.32 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جنهن بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل 266.07 رپين مان گهٽ ٿي 262.75 رپيا في لٽر ٿي وئي آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 1.86 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي جنهن کان پوءِ پيٽرول 260.96 روپين مان گهٽجي 259.10 رپيا لٽر ٿي ويو آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 2.15 رپيا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي، 171.77 مان گهٽ ٿي 169.62 رپيا في لٽر قيمت ٿي وئي، لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2.97 رپيا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي. جنهن بعد لائيٽ ڊيزل جي قيمت 157.02 مان گهٽ ٿي 154.05 رپيا ٿي وئي آهي. پيٽروليم شين جون نيون قيمتون پهرين سيپٽمبر کان لاڳو ٿينديون. هوڏانهن ايل پي جي جي اگهن ۾ 6 رپين کان وڌيڪ واڌ ڪئي وئي. اوگرا اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو. ايل پي جي جي اگهن ۾ 6 رپيا 99 پيسا في ڪلوگرام واڌ ڪئي وئي آهي، واڌ کانپوءِ ايل پي جي في ڪلو جو اگهه 243 رپيا 99 پيسا مقرر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ گهريلو سلينڊر 82 رپيا 53 پيسا مهانگو ٿي ويو آهي. 11.8 ڪلوگرام واري گهريلو سلينڊر جو اگهه 2 هزار 879 رپيا مقرر ڪيو  ويو آهي.