ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي ايم اين ايز وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم جي شين جي قيمتن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، هڪ بيان ۾ هنن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان مهانگائي جي ماريل عوام تي بار وڌي ويو آهي، وفاقي حڪومت کي اهڙي پاليسي جوڙڻ گهرجي، جنهن سان اقتصادي هدف به حاصل ٿين ۽ عوام تي به گهٽ ۾ گهٽ بار پوي، هنن چيو ته حڪومتي فيصلن جو سڀ کان وڌيڪ اثر نوڪري پيشه وچولي طبقي تي پوي ٿو، هنن وزيراعظم محمد شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته هو فيصلي تي نظر ثاني ڪري عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏئي .