پيٽروليم ليوي جي قيمت ۾ مرحليوار 50 رپيا واڌ جي منظوري

0
163
پيٽروليم ليوي جي قيمت

قومي اسيمبلي پيٽروليم ليوي جي قيمت ۾ مرحليوار 50 رپيا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنانس بل 2022-23 جي منظوري جي رٿ پيش ڪئي وئي

ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ايندڙ مالي سال ۾ مرحليوار بنيادن تي پيٽروليم ليوي ٽيڪس ۾ 50 رپيا اضافي جي منظوري گهري، ايوان پيٽروليم شين تي 50 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪرڻ جي ترميم منظور ڪري ورتي

عائشه غوث پاشا جو چوڻ آهي ته اسان اهڙا ٽئڪس آڻي رهيا آهيون، جيڪي اميرن تي لڳندا، اسان اهو سڀ غريبن کي بچائڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته هن وقت پيٽروليم شين تي ليوي ٻڙي آهي، 50 رپيا في لٽر ليوي لاڳو نٿا ڪري سگهون

ھي به پڙھندا

قومي اسيمبلي ۾ متحده طرفان بجيٽ ۾ سندن تجويز ڪيل منصوبا شامل نه ٿيڻ خلاف احتجاج