اسلام آباد(بيورو رپورٽ+ م ڊ) پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ توانائي شعبي ۾ تبديلي آڻي رهيا آهيون، پيٽروليم شين جي قيمتن کي ڊي ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ غير ضروري ريگيوليشن کي ختم ڪيو ويندو، هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم واضح هدايتون ڏنيون آهن، هڪ پيٽرول پمپ کولڻ لاءِ 18 ادارن جا چڪر لڳائڻا پوندا آهن، هوڏانهن پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ڊي ريگيوليشن پاليسي رد ڪندي سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. آل پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان وڊيو پيغام ۾ چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن تي ڊي ريگيوليٽ فارمولي کي رد ڪيون ٿا، ڊي ريگوليٽ فارمولو لاڳو ٿيڻ سان پيٽروليم اسمگلنگ ۽ ملاوٽ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. هن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ سان پيٽرول پمپ پنهنجي قيمت پاڻ مقرر ڪندو، سينٽرل ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ احتجاجي بينر لڳايا ويندا. سندس چوڻ هو ته پيٽروليم وزارت کي هنگامي خط لکي ڊي ريگوليٽ فارمولي جي مخالفت ۽ مارجن وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو، مصدق ملڪ پيٽروليم ڊيلرز کي نظرانداز ڪيو، دعويٰ ٿو ڪيان ته ڊي ريگوليشن سان عوام کي سستو پيٽرول نه ملندو.