اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي اپوزيشن جون فنانس بل ۾ 78 ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيون، ناڻي وزير جي 14 صفحن تي ٻڌل 6 ترميمن سان گڏ فنانس بل منظور ڪندي ايندڙ مالي سال 26-2025 جي وفاقي بجيٽ جي منظور ڪئي وئي تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو،ناڻي وزير ايندڙ مالي سال 26-2025 لاءِ ٽيڪس تجويزن تي ٻڌل فنانس بل کي قومي اسيمبلي جي ناڻي ڪاميٽي جي سفارشن جي صورت ۾ منظور ڪرڻ لاءِ فوري غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي ته مخالف ڌر ان جي مخالفت ڪئي،  احتجاج ۽ گوڙ ڪندي فنانس بل کي عوامي راءِ لاءِ جاري ڪرڻ ۽ عوام جي راءِ اچڻ تائين ان جي منظوري ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، قومي اسيمبلي مخالف ڌر جي اهڙي مطالبي کي اڪثريت راءِ سان رد ڪندي فنانس بل جي شق وار منظوري جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، مجموعي طور تي اپوزيشن فنانس بل ۾ 78 ترميمون پيش ڪيون جن کي قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان رد ڪندي ناڻي وزير جي14 صفحن تي ٻڌل 6 ترميمن سان گڏ فنانس بل جي منظوري ڏني،  ايندڙ مالي سال 26-2025 جي وفاقي بجيٽ جي حتمي منظوري ڏني وئي.  منظور ٿيل وفاقي بجيٽ مطابق نئين  مالي سال دوران مجموعي خرچن جو ڪاٿو 175 کرب 73 ارب آھي جن ۾ جاري خرچن جي مد ۾ 162 کرب 86 ارب ، قرضن تي وياج جي ادئگي لاءِ 82 کرب 7 ارب ، پينشن 1055 ارب ، دفاع 2550 ارب ، صوبن کي گرانٽس  1928 ارب ، سبسڊيز جي مد ۾ 1186 ارب ، سول حڪومت جي خرچن لاءِ 971 ارب ، وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1 هزار ارب شامل آھن جڏهن ته نئين مالي سال دوران  ايف بي آر جي ٽيڪس وصولين جو حدف 141 کرب 31 ارب مقرر ڪيو ويو آھي مالي سال 26-2025 دوران صوبن کي 82 کرب 6 ارب جاري ٿيندا ، جڏهن ته منظور ٿيل بجيٽ 6501 ارب روپين جي خساري جي بجيٽ منظور ڪئي وئي آھي، قومي اسيمبلي پاران ڪالھه  ترميمن سان گڏ  منظور ڪيل فنانس بل مطابق  ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري بابت ترميمون منظور ڪيون ويون.  سيلز ٽيڪس  جي رقم بابت انوائيس ۾ ٽيمرنگ، جعلسازي يا ڪوڙ ۽ غلط بياني ڪرڻ، يا مال جي ترسيل کانسواءِ ٽيڪس انوائس جاري ڪرڻ ٽيڪس فراڊ جي ذمري ۾ ايندو ۽ اهڙي فراڊ جي مرتڪب جي  گرفتاري ٿيندي. سيلز ٽيڪس جي ڊيٽا ۾ ٽمپرنگ ڪرڻ به فراڊ جي زمري ۾ شامل هوندو. ٽيڪس انوائس ۾ فراڊ به سيلز ٽيڪس فراڊ تصور ڪيو ويندو.  ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ڪمپني کي لاڳاپيل آفيسر کي ٽي نوٽيس موڪلڻا پوندا.  فنانس بل 2025-26 ۾ ترميم مطابق سيلز ٽيڪس فراڊ جي انڪوائري هاڻي خفيه نه ٿيندي.  سيلز ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث جيڪڏهن انڪوائري ۾ شامل ٿي ويو ته گرفتار نه ٿيندو. ان کان علاوه سيلز ٽيڪس فراڊ ڪندڙ شخص ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو ته گرفتار ٿيندو. سيلز ٽيڪس فراڊ جي ثبوتن کي ضايع ڪرڻ جي ڪوشش تي به گرفتاري عمل ۾ ايندي. فنانس بل مطابق سيلز ٽيڪس فراڊ 5 ڪروڙ يا ان کان وڌيڪ ٿيو ته گرفتاري لازمي ٿيندي. گرفتاري لاءِ  ميمبر آپريشنز ۽ ممبر ليگل تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جي اجازت گهربل هوندي. سيلز ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ماڻهن کي 24 ڪلاڪن اندر مجسٽرٽ اڳيان پيش ڪرڻو پوندو. فنانس بل 2025 جي شق نمبر 3 ۾  منظور ڪيل ترميم مطابق  پيٽروليم شين تي 2 رپيا 50 پئسا سيڪڙو ڪاربن ليوي  لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن بابت فنانس بل ۾ ن ليگ جي نوشين افتخار جون ٻه ترميمون منظور ڪيون ويون  جن تحت  فنانس بل 2025 ۾ 4 اي ۽ 4 بي نالي سان ترميمون شامل ڪيون ويون.ترميمن مطابق  هاڻي پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار ۽ مراعتن جو تعين قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ بدران هائوس ڪاميٽي ڪندي. وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جون پگهارون به هاڻي پارليامينٽ ميمبرن جي برابر هونديون.  ڪسٽمز ايڪٽ 1969 ۾ منظور ڪيل  ترميم  مطابق پاڪستان اندر يا ٻاهر اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪارگو ٽريڪنگ سسٽم لڳايو ويندو. ڪارگو ٽريڪنگ سسٽم درآمد، برآمد، ٽرانزٽ ۽ ترسيل جي اليڪٽرانڪ نگراني ڪندو. ڊجيٽل دستاويزن جي لاءِ  اي بلٽي سسٽم متعارف ڪرايو ويندو.  سامان جي درآمد، برآمد يا ترسيل ۾ استعمال ٿيندڙ ٽرانسپورٽ گاڏيون اي بلٽي سسٽم سان جڙيل هونديون. ڄاڻي واڻي ملڪ اندر سامان جي آمدرفت لاءِ اي بلٽي نه ڪرائڻ تي پهرين ڀڃڪڙي تي 50 هزار رپيا ۽ ٻي ڀڃڪڙي تي 5 لک رپين جي ڏنڊ لاڳو ٿيندو. اي بلٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ٽريڪنگ ڊيوائيسز جي تصديق کان پاسو ڪرڻ تي 10 لک رپين جو ڏنڊ ۽ سامان ضبط ڪيو ويندو، اي بلٽي يا ان سان منسلڪ ٽريڪنگ ڊيوائيسز سان ڇيڙ ڇاڙ متعلق ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 مهينا قيد جي سزا ٿيندي.  ڪسٽمز ايڪٽ ۾ شق 225 جي نالي سان هڪ نئين شق شامل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت ڪسٽمز ڪمانڊ فنڊ قائم ڪيو ويندو. فنانس بل موجب اسمگل ٿيل سامان جي نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم ڪسٽمز ڪمانڊ فنڊ ۾ منتقل ڪئي ويندي، جيڪا ناڻي وزارت ۽ ايف بي آر جي منظوري سان اسمگلنگ جي روڪٿام بابت سرگرمين لاءِ استعمال ڪئي ويندي. فنانس بل مطابق بورڊ ڪسٽمرز ڪمانڊ فنڊ ۾ حاصل ٿيندڙ رقم جي استعمال بابت طريقيڪار، شرط ۽ پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اختيار هوندو. شق 226 تحت اسمگلنگ ۽ غير قانوني واپار جي روڪٿام لاءِ ڪسٽم بورڊ کي ڪنهن به چيڪ پوسٽ کي ڊيجيٽل انفورسمينٽ اسٽيشن جو درجو ڏيڻ جو اختيار هوندو، جنهن جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.  بورڊ گزٽ نوٽيفڪيشن ذريعي ڊيجيٽل انفورسمينٽ جي عملي جي آپريشنز ۽ فني صلاحيتن بابت قائدا ۽ ضابطا واضع ڪيا ويندا.  سولر پينلن تي سيلز ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو لاڳو ٿيندي ، سالياني هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ پينشن تي 5 سيڪڙو انڪم ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سالياني هڪ ڪروڙ رپين تائين پينشن وٺندڙن کي ٽيڪس کان  ڇوٽ حاصل هوندي. منظور ٿيل فنانس بل مطابق 6 لک رپين تائين سالياني پگهاردار ملازم  انڪم ٽيڪس کان آجا هوندا ، 6 لک کان 12 لک رپين تائين سالياني آمدني رکندڙ ملازمن کي 1 سيڪڙو انڪم ٽيڪس لاڳو ادا ڪرڻي پوندي . فنانس بل تحت انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 ۾ منظور ترميم  مطابق پهرين جولاءِ کان پراپرٽي جي وڪرو تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح ۾ 1.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، پهرين جولاءِ کان 5 ڪروڙ رپين تائين جي پراپرٽي وڪرو ڪرڻ تي ود هولڊنگ ٽيڪس 3 سيڪڙو مان وڌائي 4.5 سيڪڙو لاڳو تصور ٿيندي . پهرين جولاءِ کان 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ 10 ڪروڙ تائين جي پراپرٽي جي وڪرو تي ود هولڊنگ ٽيڪس 3.5 سيڪڙو مان وڌائي 5 سيڪڙو ڪئي وئي آھي   10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت واري پراپرٽي جي وڪرو تي ود هولڊنگ ٽيڪس 4 سيڪڙو مان وڌائي 5.5 سيڪڙو لاڳو ڪئي ويندي ، جڏهن ته  پراپرٽي جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ 1.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.  5 ڪروڙ رپين جي ملڪيت خريدڻ تي ود هولڊنگ ٽيڪس 3 سيڪڙو مان گهٽائي 1.5 سيڪڙو ، 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ 10 ڪروڙ تائين جي ملڪيت خريدڻ تي ود هولڊنگ ٽيڪس 3.5 سيڪڙو جي بدران هاڻي 2 سيڪڙو لاڳو ٿيندي. 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت واري ملڪيت خريدڻ تي ود هولڊنگ ٽيڪس 4 سيڪڙو مان گهٽائي 2.5 سيڪڙو ڪئي  وئي آهي. قومي اسيمبلي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 ۾ ناڻي واري وزير جون ترميمون منظور ڪندي نئي مالي سال دوران   107 ادارن کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري  ڏئي ڇڏي. منظور ٿيل فنانس بل مطابق پاڪستان بار ڪائونسل سميت صوبائي بار ڪائونسلز کي به ٽيڪس کان استثني ڏني وئي، فوجي فائونڊيشن، آرمي ويلفيئر ٽرسٽ، فائونڊيشن يونيورسٽي کي به ٽيڪس جي ڇوٽ ملي وئي. شوڪت خانم، ايڌي فائونڊيشن، الشفاءَ ٽرسٽ، شفاءَ ٽرسٽ آءِ اسپتال، فارمن ڪرسچن ڪاليج، لمز، غلام اسحاق خان يونيورسٽي، غربت گهٽائڻ واري فنڊ، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، نيشنل انڊومينٽ اسڪالرشپ، ايف بي آر فائونڊيشن، پاڪستان زرعي ريسرچ ڪائونسل، آڊٽ اوورسائيٽ بورڊ، اڳوڻن صدرن ۽ انهن جي بيوه عورتن جي پنشن، سپريم ڪورٽ، ديامير ڀاشا ۽ مہمند ڊيم فنڊ کي به ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي. قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل فنانس بل مطابق پگهاردار طبقي جي پهرين سليب ۾ سال ۾ 6 لکن تائين پگهار کڻندڙ ملازمن  کي ٽيڪس ڇوٽ حاصل هوندي ٻئي سليب ۾ 6 لکن کان 12 لکن تائين سالياني پگهار حاصل ڪندڙ ملازم 6 لکن کان پوءِ وڌيڪ رقم تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا جڏهن ته 12 لکن کان 22 لکن تائين سالياني پگهار حاصل ڪندڙ ملازم 6 هزار فڪس ٽيڪس سان گڏ 11 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا، اهڙا ملازم سال ۾  12 لکن کان پوءِ واڌو رقم تي 11 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا، چوٿين سليب ۾ 32 لکن کان 41 لکن تائين سالياني پگهار حاصل ڪندڙ ملازم 3 لک 46 هزار فڪس ٽيڪس ۽ 32 لکن کانپوءِ وڌيڪ رقم تي 30 سيڪڙو ٽيڪس به ادا ڪندا، جڏهن ته 41 لکن کان وڌيڪ سالياني پگهار حاصل ڪندڙ ملازم 6 لک 16 هزار فڪس ٽيڪس 41 لکن کان پوءِ باقي رقم تي 35 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا.