پيٽرول، ڊيزل ۽ فرنس آئل مهانگا ٿيندا، في ليٽر تي اڍائي رپيا ڪاربن ليوي جو اعلان

0
21
پيٽرول، ڊيزل ۽ فرنس آئل مهانگا ٿيندا، في ليٽر تي اڍائي رپيا ڪاربن ليوي جو اعلان
پيٽرول، ڊيزل ۽ فرنس آئل مهانگا ٿيندا، في ليٽر تي اڍائي رپيا ڪاربن ليوي جو اعلان

اسلام اباد: حڪومت بجيٽ ۾ پيٽروليم شين تي اڍائي رپيا في ليٽر ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته فوسل فيول جي وڌيڪ استعمال جي حوصلا شڪني ۽ موسمياتي تبديلي ۽ گرين انرجي پروگرام لاءِ مالي وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ اهو تجويز ڪيو پيو وڃي ته مالي سال 26-2025 لاءِ پيٽرول، ڊيزل ۽ فرنس آئل تي 2 رپيا 50 پيسا في ليٽر جي شرح سان ڪاربن ليوي لاڳو ڪئي وڃي.هن چيو ته ڪاربن ليوي مالي سال 27-2026 ۾ وڌائي 5 رپيا في ليٽر ڪئي ويندي، ان کانسواءِ فرنس آئل تي پيٽروليم ليوي به وفاقي حڪومت طرفان اعلانيل شرح موجب لاڳو ڪئي ويندي، ٻئي طرف پيٽروليم شين تي اڍائي رپيا في ليٽر ڪاربن ليوي لڳائڻ سان پيٽروليم شين ۾ اضافي جو خدشو آهي. پيٽرول، ڊيزل، فرنس آئل جي قيمتن ۾ اضافي جو امڪان پيدا ٿي ويو