مارڪسي مفڪر انتونيو گرامچي 1929ع ۾ چيو هو ته، “پراڻي دنيا مري رهي آهي ۽ نئين دنيا جنم وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي پر هاڻ شيطانن جو وقت آهي، جيڪي پنهنجي مفادن لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن وقت عالمي سطح تي جيڪا صورتحال آهي، ان تحت پيوٽن جي جنگ ۽ ٽرمپ جي هيراڦيريءَ سان هڪ نئون يورپ جنم وٺي رهيو آهي. يورپي يونين وٽ پنهنجا ٽروجن هارسز آهن، ۽ نيٽو جو بنياد ٽُٽي پيو آهي. پر ڪجهه يورپي اتحادي خاص طور تي برطانيا اڄ به ڪوششون ڪري رهيا آهن ته اهو اتحاد برقرار رهي، ماسڪو جي بي پناهه فوجي طاقت جو مقصد هاڻ صرف يوڪرين ناهي رهيو، پر هو اڃان به پوري يورپ تي ڪنٽرول جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. ولاديمير پيوٽن بامعنى حفاظتي ضمانتن سان جنگ بندي کي قبول نه ڪندو، ان جنگ جو ڪو به خاتمو نه ٿيندو. يورپ سميت پوري دنيا يوڪرين کان به اڳتي روسي جارحيت جي اڳرائي کي ڏسي رهيا آهن. اصل حقيقت اها آهي ته يورپ لاءِ اڄ به گهڻا خطرا موجود آهن. ۽ جده ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي پيش رفت جي آثارن باوجود يورپ وارا پاڻ کي اڪيلا محسوس ڪري رهيا آهن. جڏهن ته هاڻ آمريڪا خلاف ڪم ڪندڙن سان به منهن مقابل ٿيڻو پوندو. ان سڄي صورتحال ۾ ولاديمير پيوٽن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ اصل ۾ هڪ اهڙي منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جا ظاهري مقصد ڳولهي ڳولهي به لڌا نه ٿا لڀجن ان ئي صورتحال پوري يورپ کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ته آخر هو ڪهڙي واضح پاليسي اختيار ڪن، يوڪرين ۾ وچي جهڙي حڪومت ۽ هڪ يورپي براعظم اثر رسوخ جي دائري ۾ ورهائجي ويو آهي. جنهن کي روس، آمريڪا (۽ شايد چين) هڪ نوآباديات بڻائي سگهن ٿا ۽ پنهنجو پنهنجو شڪار ڪري سگهن ٿا، ان فلسفي کي يورپي عوام ۽ انهن جون حڪومتون به هاڻ سمجهڻ شروع ڪيو آهي.
هن وقت ان سڄي صورتحال ۾ هڪ مختلف قسم جي يورپ جو بنياد پئجڻ شروع ٿي ويو آهي. اهو صديون پهرين امن وارو يورپ هاڻ پنهنجي دفاع، اقتصادي ۽ مالياتي مسئلن جو شڪار بڻجي ويو آهي. ان جي سلامتي جي ذميداري آمريڪا نيٽو ذريعي ڏني هئي، جنهن تان هاڻ هو پوئتي هٽي ويو آهي. آمريڪا هميشه پنهنجي دفاعي صنعت جي ترقي لاءِ يورپي ملڪن کي استعمال ڪيو. جئين 2023 ۾ صدام جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ يورپي يونين کي استعمال ڪيو ويو. هن وقت به پوري يورپ ۾ آمريڪا جا 10 لک فوجي مقرر ٿيل آهن ۽ ويهارو فوجي ۽ ايٽمي اڏا انهن يورپي ملڪن ۾ هلي رهيا آهن، جڏهن ته دفاعي صنعت ۾ هو آمريڪا کان هٿيار خريدڻ جا پابند آهن، جنهن سان آمريڪا اربين کربين ڊالر انهن ئي يورپي ملڪن مان ڪمائيندو آهي، پر هاڻ ٽرمپ انهن فائدن باوجود انهن کي دفاعي معاملن ۾ سوڙهو ڪري مٿان وري روس کي مڙهي کين پريشان ڪري ڇڏيو آهي. پر يورپ ۾ جنگ ۽ اتحادي طور آمريڪا جي ناقابل اعتبار هجڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته هاڻ اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته 1945ع کانپوءِ ۽ 1989ع کانپوءِ وارو يورپ ختم ٿي چڪو آهي. پر ان جي جاءِ تي هاڻ هڪ نئون يورپ جنم وٺي رهيو آهي. ۽ اهو چوڻ سولو ناهي ته اهو ڇا ناهي ۽ ان جي مقابلي ۾ ڇا آهي. اها هاڻ يورپي يونين ناهي. يا اها ناهي جنهن کي اسان سالن کان سڃاڻون پيا. 27 ملڪن واري يونين پنهنجي شهرين کي پيش ايندڙ ڊرامائي تبديلين، زندگي يا موت، تيزي سان تبديل ٿيندڙ جاگرافيائي، سياسي ۽ سلامتي وارين حالتن لاءِ تيار رکڻ ۽ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ لاءِ نه پهرين تيار ڪيو هو ۽ نه هاڻ ئي تيار آهن. جڏهن ته يورپي يونين ۾ هاڻ هنگري جو وڪٽر اوربان ۽ پاپولسٽ قومپرست رابرٽ فيڪو ۽ سلواڪيا جو وزير اعظم جهڙا ٽروجن گهوڙا به شامل آهن جيڪي سڌا سنوان پيوٽن جي روس ۽ ٽرمپ جي آمريڪا لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ايمينوئل ميڪرون ۽ ڪيئر اسٽارمر وري انهن جي ڀيٽ ۾ وچٿرو موقف کنيو بيٺا آهن.
هڪ جرمن سياستدان نئين صورتحال ۾ پنهنجي حڪومت لاءِ “جمهوريت جي آخري گولي” قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي خوف آهي ته هو پنهنجي ئي پير ۾ گولي هڻي ڇڏيندا. آسٽريا جا ماڻهو پنهنجي “غيرجانبداري” واري خوشفهمي ۾ مبتلا آهن. پولينڊ وارا واشنگٽن جي پاليسين سبب سخت پريشان آهن. يورپي ملڪن جا ماڻهو 10 لک يوڪرائني مهاجرن جي سالن کان مهمانوازي سبب پريشان آهن. عالمي مبصرن جو چوڻ آهي ته هاڻ انهن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته يورپ لاءِ آمريڪي تحفظ جي ضمانت هاڻ ختم ٿي چڪي آهي. هاڻ اسان هڪ نئين دنيا ۾ آهيون، جتي جا اصول طاقتور ڌريون طئه ڪنديون. فرانسيسي اسٽريٽجڪ خودمختياري جي حوالي سان درست ثابت ٿي آهي. برطانوي لائين ته “آمريڪا هميشه نيٽو جو ليڊر رهندو“ غلط ثابت ٿيو آهي.
ٽرمپ جنهن طريقي سان يورپ مان هٿ ڪڍيو آهي، ان کان پوءِ روسي صدر ولاديمير پيوٽن زيتون جي امن واري ٽاري هٿ ۾ کڻي يورپ کي خطاب ڪيو ۽ هن يورپ کان وڌيڪ وائيٽ هائوس کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. پيوٽن يورپي ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته “روس ڪڏهن به توهان جو دشمن نه هو ۽ نه ڪڏهن ٿيندو! اسان کي يورپي خام مال ۽ دولت جي ڪا ضرورت ناهي، اسان وٽ پنهنجي دولت ۽ خام مال وافر مقدار ۾ موجود آهي. روس دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وسيلا رکندڙ ملڪ آهي.اسان کي توهان جي زمين يا علائقي جي ضرورت ناهي. نقشي تي ڏسو، روس ڪيترو وسيع آهي. روس يورپ جي ڪل ايراضيءَ کان ٻيڻو وڏو آهي. اسان کي توهان جي زمين جي ڇا ضرورت آهي، اسان ان جو ڇا ڪنداسين؟ توهان اهو ڇو سوچيو ٿا ته روس يورپ جو دشمن آهي؟ روس توهان کي ڪهڙو نقصان پهچايو آهي؟ ڇا اسان توهان کي گيس ۽ خام مال گهٽ قيمت تي وڪرو نه ڪيو آهي، ان قيمت کان به گهٽ جنهن تي توهان جا ‘دوست’ توهان کي هاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن؟ ڇا روس ٻين جنگ عظيم ۾ 20 ملين جانيون نازين کان آزادي لاءِ قربان نه ڪيون؟ ڇا روس ڪووڊ وبا جي دوران سڀ کان پهرين يورپ جي مدد نه ڪئي؟ ڇا اسان يورپ جي مدد نه ڪئي جڏهن هتي باهه ۽ قدرتي آفتون آيون؟ روس توهان سان اهو ڇا ڪيو آهي، جو توهان ان کي ايترو ناپسند ڪندا آهيو؟ روس توهان جو دشمن ناهي، توهان جا اصل دشمن توهان جا پنهنجا رهنما آهن، اهي ئي جيڪي توهان کي هلائي رهيا آهن! اسان اوهان سان هميشه دوستي جو هٿ وڌايو هو پر اوهان ٻين جي هُشيءَ ۾ اچي اسان سان مهاڏو اٽڪايو آهي، پر پوءِ به اسان اوهان کي اڪيلو ناهي ڇڏيو، اسان انسانيت جا دوست آهيون، اوهان جي پهرين ۽ هاڻ به مدد ڪنداسين، ان ڪري اسان جي هروڀرو مخالفت نه ڪريو، جيڪا اسان جي ڌرتي آهي، اها اسان هر حالت ۾ حاصل ڪري وٺنداسين، ان لاءِ اوهان ڏٺو آهي ته اسان اڪيلي سر جنگ وڙهي رهيا آهيون، جڏهن ته اوهان ٻين جي سهاري هلي رهيا آهيو، ان ڪري اچو اسان سان گڏجي هلو ۽ پنهنجي عوام کي بهتر زندگي فراهم ڪيو”.
يورپي ملڪن جي مونجهارن جي هلندي ئي ٽرمپ ۽ پيوٽن يوڪرين جنگ بندي جي حوالي سان به ڳالهين کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، جنهن ۾ روسي صدر مستقل جنگ بندي کي رد ڪندي چيو آهي ته پهرين اصل معاملن کي طئه ڪيو وڃي، جنهن تي صدر ٽرمپ چيو آهي ته اڄ يا سڀاڻي مان صدر پيوٽن سان فون تي ڳالهائيندس پر اهي ڳالهيون زمين ۽ پاور پلانٽس جي معاملن تي ٿينديون. اسان ٻنهي جي ماهرن جي ٽيم پهرين ئي “اثاثن جي ورڇ” تي ڳالهيون ڪيون آهن. ذريعن موجب ٻئي صدر “زاپوريزهيا” ايٽمي بجلي گهر تي ڳالهيون ڪندا، جيڪو روس- يوڪرين سرحد تي موجود آهي ۽ جنهن تي روس يوڪرين تي پهرين ئي حملي ۾ قبضو ڪري ورتو هو. صدر ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ممڪن آهي ته جنگ بندي ڪريون، ممڪن آهي ته نه ڪريون پر اسان ايٽمي اثاثن ۽ زمين جي معاملن تي هر حالت ۾ ڳالهيون ڪري ان کي مڪمل ڪنداسين، باقي معاملن کي پوءِ ڏٺو ويندو. صدر ٽرمپ جي خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف چيو آهي ته صدر پيوٽن کي ٽرمپ جي فلسفي کي قبول ڪرڻو پوندو، ان لاءِ مثبت موٽ ملي آهي.
برطانيا چيو آهي ته هڪ نام نهاد “رضاڪارن جو اتحاد” جيڪو هاڻ 30 ملڪن کان وڌي ويو آهي، جيڪو جنگ بندي بعد يوڪرين جي ضمانتن ۾ مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته هڪ ٻيو وڏو گروپ به آهي جيڪو فوجي انگ ۾ اضافي ۾ مدد لاءِ تيار آهي، ٻئي طرف روس ڪرسڪ ۾ يوڪريني فوج جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان صورتحال ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي. يورپ ھاڻي آمريڪا جي چوڻ تي چين سان تعلقات خراب ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي، پولينڊ ۽ ٻيا ملڪ پنهنجي ملڪن جي دفاع لاءِ نيٽو کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندا. آمريڪا، روس ۽ يورپ جي وچ ۾ طاقت جو نئون توازن قائم ٿيندو. اھو ڪنھن جي فائدي ۾ ھوندو، اھو وقت ثابت ڪندو، پر بظاهر صورتحال روس جي حق ۾ بھتر ٿئي پئي. پوءِ به هاڻ يورپ جي ساک ڪٿي دنگ ڪندي، ان جو فيصلو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٿي ويندو.