ماسڪو (م ڊ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چين جي صدر کي روس جي دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس ۽ چين جي صدرن وچ ۾ جمعي تي وڊيو لنڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ روسي صدر پنهنجي چيني هم منصب جي ايندڙ سال روس جي دوري جي اميد جو اظهار ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب وڊيو لنڪ گفتگو جي شروعات ۾ روسي صدر شي جن پنگ کي ڊيئر چيئرمين ۽ ڊيئر فرينڊ ڪري مخاطب ٿيو. چيني صدر پيوٽن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته اوهان ايندڙ سال روس جو دورو ڪندا.