جوڌپور(انٽريسٽنگ نيوز) پينو فقير خيرات ۾ مليل سڪن مان آءِ فون وٺي ڇڏيو، ميڊيا رپورٽس موجب وڊيو ۾ هڪ شخص فقير جو روپ اختيار ڪري آءِٰ فون 15 وٺڻ لاءِ سڪن سان ڀريل ٻوري سان موبائل مارڪيٽ پهچي وڃي ٿو. فقير ڏسي ڪجهه موبائل وارن کيس دڪان تي چڙهڻ جي اجازت نه ڏني. جڏهن ته ڪجهه دڪان وارن پئسا سڪن ۾ ڏسي کيس اچڻ نه ڏنو. آخرڪار هڪ دڪان تي چڙهي ويو ۽ هن سڪا وٺڻ تي راضپو ڏيکاريو، پينو فقير سڪن سان ڀريل ٻوري فرش تي لاهي دڪاندار حوالي ڪئي. جنهن بعد دڪاندار پنهنجي ملازمن سميت سڪن کي ڳڻڻ ۾ لڳي ويو. فقير کي آءِ فون پروميڪس ملي وڃي ٿو جنهن تي هو تمام گهڻو خوش نظر آيو، شيئر ڪيل وڊيو کي 34 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا ، ڪيترن ئي ان کي پسند تبصرا ڏنا، ڪجهه صارفين ان تجربي کي پسند ڪيو پر ڪجهه ان کي هٿ سان ٺهيل ڊرامو قرار ڏنو.