ڪراچي (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پينشن کي حڪومت تي بار قرار ڏئي ڇڏيو. ايف پي سي سي آءِ ۾ صنعتڪارن، واپارين کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته پينشن حڪومت تي وڏو بار آهي، وفاقي ڪابينا طرفان پگهارون نه وٺڻ سان ناڻي تي ڪو وڏو فرق ناهي پيو. هن چيو ته ناڪارا کاتن کي بند ڪرڻ سان خرچ گهٽجندا، پاليسي ريٽ کي هن سال گهٽ ڪيو ويندو، جذباتي تقرير ته هر ڪو ڪري سگهي ٿو پر ميدان تي ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي.