حيدرآباد: حيدرآباد ٽريزري ۾ پينشن، ترقياتي ڪمن جي بلن توڙي ٻين مدن ۾ جاري ٿيندڙ رقمن ۾ ڪرپشن ٿيڻ جو قصو ڪو نئون ناهي. ”پنهنجي اخبار“ پاران حيدرآباد ٽريزري آفيس جي ورتل معلومات ۾ ذريعن ٻڌايو ته هن وقت حيدرآباد ٽريزري ۾ صورتحال ان حد تائين خراب آهي جو پينشن بلن ۽ پينشن جي بحالي لاءِ جيتري به رقم جو بل ٿئي ٿو ان مان 25 کان 50 سيڪڙو رقم رشوت طور ورتي وڃي ٿي جنهن جي ڪري سوين رٽائرڊ ملازم ۽ مرحوم ملازمن جون بيواهون انتهائي پريشان آهن. ذريعن موجب اڳوڻو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر ڊاڪٽر مشتاق شيخ تقريبن پوڻا چار ارب رپين جي ڪرپشن جي ڪيس ۾ احتساب عدالت طرفان ڏنل سزا ڪاٽي رهيو آهي.