ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪي ڊي اي ۾ 581 بوگس پينشنرن جي نالي ۾ 66 ڪروڙ رپيا جاري ڪندڙ ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر فنانس کي مڪاني کاتي معطل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ 581 بوگس پينشنرن جي نالي تي 66 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ وارو مامرو ظاهر ٿيڻ بعد ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر فنانس کي معطل نه ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي خط لکي هدايت ڪئي هئي ته ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪيو وڃي. هوڏانهن مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪرڻ بابت ڪو حڪمنامو جاري ناهي ڪيو ، جنهن ڪري ڊائريڪٽر فنانس عهدي تي ويٺل آهي. هوڏانهن “پنهنجي اخبار” پاران پي اي سي پاران لکيل خط به هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مڪاني ادارن جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي واضح هدايت ڏنل آهي ته ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪيو وڃي.