ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اينٽي ڪرپشن کاتي دادو، گھوٽڪي، جيڪب آباد، ڄامشوري ۽ نوشهروفيروز سميت مختلف ضلعن جي ٽريزري آفيسن ۾ پينشن فنڊن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ جاچ جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائي ڇڏيو، جڏهن ته ناڻي کاتي جي اختيارين 40 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن وارا پئسا ڪامورن کان وصول ڪرائڻ لاءِ سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي مختلف ضلعن دادو، قمبر، ڄامشوري، گھوٽڪي، سکر، جيڪب آباد، نوشهروفيروز، سانگھڙ سميت مختلف ضلعن ۾ پينشن فنڊن ۾ ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ اينٽي ڪرپشن جي اختيارين پاران جاچ جو دائرو ٻين ضلعن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب ته ٽريزري ۽ ناڻي کاتي جي اعليٰ عملدارن کي به جاچ هيٺ آندو ويندو، ٻئي طرف ناڻي کاتي جي اختيارين مختلف ضلعن ۾ پينشن فنڊ ۾ 40 ڪروڙ رپين جو غبن سامهون اچڻ کانپوءِ ذميوار ڪامورن کان رقم جي وصولي بابت سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي آهي، سمري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پينشن اسڪينڊل ۾ گھوٽڪي جي اڪائونٽنٽ فياض سولنگي، سانگھڙ جي اڪائونٽنٽ غلام رسول بهڻ، نوشهري فيروز جي سب اڪائونٽنٽ انور هاليپوٽو ۽ سب اڪائونٽنٽ عبدالماجد، ٽنڊي الهيار جي سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر امير بخش بوزدار، سانگھڙ جي سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر محسن دل، ٺٽي جي سب اڪائونٽنٽ اشفاق پنهور، دادو جي سب اڪائونٽنٽ عرفان سولنگي، سانگھڙ جي ٽائپسٽ محمد ياسين سميت 10 ڪامورن کي برطرف ڪري چُڪا آهيون، ڄاڻايل ڪامورن کان ڪرپشن وارا 40 ڪروڙ رپيا اوڳاڙڻ لاءِ جاچ ڪندڙ اداري ڏانهن معاملو اماڻيو وڃي.