اسلام آباد (م ڊ) پيمرا تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي هر قسم جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي، پيمرا ٽي وي چينلز کي هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏئي پابندي لڳائي آهي، تنهنڪري پيمرا ايڪٽ تحت پابندي پيل تنظيم جي ڪوريج نه ٿي ڪري سگهي، ميڊيا ٽي ايل پي جي ڪنهن به قسم جي سرگرمي کي ڪوريج نه ڏئي.