ڪوالالمپور(انٽريسٽنگ نيوز) ملائشيا ۾ هڪ ڀارت ڄائي عورت ريچل ڪور پنهنجي منفرد روزمرهه جي مصروفيتن سان دنيا جو ڌيان ڇڪايو آهي، اها ايئر ايشيا ۾ فنانس آپريشنز جي اسسٽنٽ مينيجر طور تي ڪم ڪندي آهي ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي، ٽائمز آف انڊيا موجب ريچل روزانو پينانگ کان ڪوالالمپور تائين هوائي سفر ڪندي آهي ته جيئن پنهنجي پيشيوراڻي ۽ ذاتي زندگي ۾ توازن برقرار رکي سگهي، ڀارتي ميڊيا موجب ريچل جو چوڻ آهي ته سندس پٽ جي عمر 12 سال ۽ ڌيءَ جي عمر 11 سال آهي ۽ ان عمر ۾ ٻارن لاءِ ماءُ جي موجودگي تمام اهم هوندي آهي، 2024 کان اڳ اها ڪوالالمپور ۾ آفيس ويجهو هڪ گهر ڪرائي تي وٺي رهندي هئي ۽ رڳو هفتي ۾ هڪ ڀيرو پينانگ ۾ پنهنجي گهر ايندي هئي، جڏهن ته ان سان کيس پنهنجي ٻارن سان گڏ گهٽ وقت گذارڻ جو موقعو ملندو هو، ڀارتي ميڊيا موجب هاڻي ريچل صبح 4 وڳي اٿندي آهي، 5 وڳي گهر مان نڪرندي آهي ۽ 6:30 جي اڏام سان ڪوالالمپور پهچندي آهي، آفيس ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ بعد اها رات 8 وڳي تائين واپس پينانگ پهچي ويندي آهي، ريچل ڪور پينانگ ۾ پنهنجي گهر کان سپانگ ۾ پنهنجي آفيس تائين پهچڻ لاءِ لڳ ڀڳ 400 ڪلوميٽر جو هوائي سفر ڪندي آهي، حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ان حوالي سفر سان سندس ماهوار خرچن ۾ به گهٽتائي آئي آهي، پهرين اها ڪرائي ۽ ٻين خرچن تي ماهوار گهٽ ۾ گهٽ 474 ڊالر خرچ ڪندي هئي، جڏهن ته هاڻي سندس سفري خرچ گهٽجي 316 ڊالر ماهوار ٿي ويا آهن، ريچل جو چوڻ آهي ته هوائي سفر دوران اها موسيقي ٻڌندي آهي ۽ قدرتي منظرن مان مزو وٺندي آهي، جيڪو سندس ذهني سڪون جو باعث بڻجندو آهي، جيتوڻيڪ روزانو صبح جلدي اٿڻ ۽ پوءِ تيار ٿيڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي پر جڏهن اها رات جو پنهنجي ٻارن سان گڏ وقت گذاريندي آهي ته سڄا ٿڪ لهي ويندا آهن.