پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ شهر ۾ بجلي جا بل ادا نه ڪندڙ ۽ غير قانوني طور بجلي چوري ڪندڙ 6 ڄڻن تي  سيپڪو پيرجوڳوٺ پاران پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو ، بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ ۽ بجلي چوري الزام هيٺ بخش علي، آندل شيخ،  قاسم، سخاوت ۽ نديم راجپوت مٿان  سيپڪو عملدارن پيرجوڳوٺ جي فرياد تي پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ڪچي آبادي، راشدي گيٽ، راهوجا اسٽاپ، شاهي بازار، محب علي چوڪ سميت مختلف علائقن ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن ڪيو ويو.