خيرپور(رپورٽر) پير جو ڳوٺ جي فيض محمد ٻِنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محرم جاگيراڻي ۾ هٿياربندن پسند خان جاگيراڻي ۽ ڳوٺ صوبل جاگيراڻي جي رهواسڻ ناري ستارا کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ حد جي پوليس ٻنهي مقتولن جا لاش کڻائي مقامي اسپتال منتقل ڪيا. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان ۽ ناري کي سندن ئي برادري جي ماڻهن ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون جلد کين گرفتار ڪيو ويندو جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ھوڏانھن ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري ستارا جي پيءُ حبيب الله جاگيراڻي طرفان ٻنهي کي قتل ڪيو ويو آهي.