پيرجوڳوٺ(رپورٽ: بلاول جوڻيجو) پيرجوڳوٺ ڀرسان ڳوٺ منگرجي ۾ شادي جي دعوت کائي واپس گهر ايندي ٻن سڳن ڀائرن انيس احمد راھوجو ۽ امجد علي ولد گل محمد راهوجو مٿان هٿياربندن جو حملو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، امجد علي راهوجو کي پيرجوڳوٺ اسپتال جڏهن ته انيس احمد راھوجو کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران رستي ۾ ٻئي ڀائر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻنهي سڳن ڀائرن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهر ۾ ڪهرا پئجي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو راهوجو برادري ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي