پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو)  عدالتي حڪم تي  پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ ھيبت خان بروهي ۾ ٽي مهينا اڳ زهريلو کاڌو کائڻ سبب پورهيت گل بيگ بروهي سميت سندس  خاندان جي فوت ٿيل 13 گهر ڀاتين جي اڄ سول جج ڪنگري جي نگراني هيٺ ڊاڪٽرن جي ٽيم پاران قبر ڪشائي ڪري گل بيگ بروهي سميت ٽن ڄڻن جي لاش جا جزا ورتا ويا ياد رهي ته    ٽي مهينا اڳ پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ ھيبت خان بروهي ۾ پورهيت گل بيگ بروهي سميت 13 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته گل بيگ بروهي جي اڪيلي بچي ويل ڌيءَ شائسته بروهي ۽ سندس سوٽ امير بخش بروهي پاران پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان پنهنجي خاندان جي سمورن گهر ڀاتين کي کاڌي ۾ زهر ڏئي مارڻ جو اعتراف پڻ ڪيو ويو هو، قبر ڪشائي دوران ميڊيا ڪوريج تي پابندي لڳائي وئي هئي.