پير وسڻ (ن پ ا) پير وسڻ ڀرسان ڳوٺ مجيد قمبراڻيءَ ۾ پراڻي تڪرار تان  جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڌر جو ذاڪر عرف نديم قمبراڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پيروسڻ ٿاڻي تان ليٽر ڏيئي تعلقي اسپتال ٺري مير واھ منتقل ڪيو ويو. جهيڙي بعد پير وسڻ پوليس پهچي صورتحال کي ڪنٽرول ڪري ورتو.