ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي آءِ جيز جون مقرريون ۽ بدليون, چيف سيڪريٽري طرفان نوٽيفڪيشن جاري, جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي احمد نواز چيما کي عهدي تان هٽائي پير محمد شاهه کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي مقرر ڪيو ويو. طارق رزاق ڌاريجو کان ڊي آءِ جي ٽريفڪ حيدرآباد جي وقتي چارج واپس ورتي وئي آهي. ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ فدا حسين مستوئي کي بدلي ڪري ڊي آءِ جي ٽريفڪ حيدرآباد مقرر ڪيو ويو، عمر شاهد حامد کي ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ مقرر ڪيو ويو آهي.