ڀٽ شاهه (ڳالهه ٻول رجب بوزدار ) انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ پير آف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاه لطيفي پاران اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ثقافتي ايڪتا عيد پهرين ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪندي پهرين ڊسمبر تي ڀٽائي جي مک گيٽ سامهون اسٽيج سجائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي سيد گداحسين شاه جو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چوڻ آهي ته اسان جو پروگرام فقط علي قاضي صاحب ۽ ٽائيم نيوز لاءِ هوندو ۽ ايڪتا ريلين مٿان 6 مڻ گل نڇاور ڪري ثقافتي شين جا اسٽال ۽ جانورن جي نمائش به لڳائي ويندي، هن چيو ته علي قاضي ايڪتا ڏهاڙي جو باني آهي هر سال جيان ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏ ملهائيندا سين، انتها پسندي کان آجي سنڌ هڪ بهترين سلوگن آهي جيڪا هن دور سان ميچ ڪري ٿو، سنڌي ماڻهو انتها پسندي جي خلاف رهيا آهن مذهبي يا قومي حوالي سان سنڌي قوم انتها پسند نه رهيو آهي، ڀٽائي سرڪار انتها پسندي جي خلاف اڄ کان 300 سال پهرين پنهنجي ڪلام ۾ کوڙ سارا بيت ڏنا آهن جنهن مان سنڌي ماڻهن کي امن محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام مليو آهي سنڌي قوم هڪ مهمان نواز ۽ پراڻي قديم ثقافت رکندڙ قوم آهي اسين پهرين ڏينهن کان وٺي ثقافتي ڏهاڙو هر سال علي قاضي ۽ ٽائيم نيوز سان گڏ ملهائيندا آهيون. لونگي ٽوپي ۽ تحفا به سنڌي ماڻهن کي ڏينداسين، سيد گدا لطيفي چيو ته اسان جو پروگرام فقط علي قاضي صاحب ۽ ٽائيم نيوز لاءِ هوندو، ان موقعي تي سيد جمال شاھ لطيفي، عمران علي هوت، ڪامران علي پنهور، شهباز ڏيرو، ڪاشف ملاح، يوسف پنڃارو ۽ ٻيا به موجود هئا ،