پيرجوڳوٺ(ن پ ا) پير ڳوٺ ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد انگ 4 ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ هندو پاڙي ۾ مبينا طور زهريلو کير پيئڻ سبب بيهوش ٿيل عورت بيئا ڪماري ۽ سندس پٽ منت ڪمار ولد سني ڪمار، ۽ اڍائي ورهين جي سمر ڪماري ڌيءُ وڪي ڪمار فوت ٿي وئي آهي. فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي. 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ سبب شهر ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي. جڏهن ته فوت ٿيل 25 ورهين جي بيئا ڪماري زال سني ڪمار، سندس پٽ منت ڪمار ۽ اڍائي ورهين جي سمر ڪماري ولد کٽو مل جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون آهن هڪ وقت 3 لاش کڄڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو. جڏهن ته فوت ٿيل عورت بيئا ڪماري ۽ سندس معصوم پٽ منت ڪمار کي پيرڳوٺ جي شمشام ڀومي ۾ اگني سنڪسار ڪيو ويو، جڏهن ته اڍائي ورهين جي سمر ڪماري کي سکر جي ساد ٻيلي وٽان سنڌو درياه حوالي ڪيو ويو. گذريل ڏينهن 6 ورهين جو ڪائروو ڪمار فوت ٿي ويو هو. جنهن کانپوءِ سندس امڙ بيئا ڪماري، ڀاءُ منت ڪمار ۽ نينگري سمر ڪماري هڪ ٻئي پٺيان فوت ٿي ويا آهن. واقعي بابت وارثن جو چوڻ آهي ته ظاهري طور موت جو سبب زهريلو کير آهي، جلد ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي جزا چڪاس ڪرائي موت جو اصل ڪارڻ سامهون آندو وڃي.