پيرجوڳوٺ(ن پ ا) پيرڳوٺ ۾ بااثر مبينا طور ڪتن جي بڇ ڪرائي پورهيت جي گڏھِه کي ماري ڇڏيو. ٿاڻي تي اين سي داخل، ڪارروائي جو مطالبو، رپورٽ موجب پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ دوست محمد ابڙو ۾ بااثر مبينا طور ڪتن جي بڇ ڪرائي پورهيت نسيم احمد ابڙو جي گڏهه کي مارائي ڇڏيو، جڏهن ته اهڙي رپورٽ پيرڳوٺ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن محمد عيسيٰ ابڙو، نسيم احمد، جمال ابڙو پيرڳوٺ پهچي دانهيندي چيو ته بااثر محمود ابڙو بنا جواز ڪتن جي بڇ ڪرائي اسان جي گڏهه کي مارائي ڇڏيو آهي، اسان جو گڏھه ڀلوڙ نسل جو هو، پورهيو ڪري گذر سفر ڪندا هئاسين، هنن جوابدارن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي.