پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) پيرجوڳوٺ قبائلي تڪرارن جي ور چڙهيل، موهل برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن هٿان موٽرسائيڪل تي ويندڙ نوجوان عورتن ۽ ٻارن سامهون گوليون هڻي قتل، گهر تي حملي ۾ ناري مارجي وئي، 3 ڄڻا زخمي، ڌريون مورچا بند، رپورٽ موجب ڳوٺ محمد تڳيل موهل ۾ موهل برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي سڱاوتي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هڪ ڌر جي هٿيار بندن عورتن سميت موٽر سائيڪل تي ڳوٺ ويندڙ نوجوان رابيل موهل کي لاهي عورتن ۽ ٻارڙن سامهون گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هٿياربندن ٻيهر مقتول نوجوان جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب مقتول جي سئوٽ نوجوان ناري صاحب خاتون موهل مارجي وئي، فائرنگ ۾ نينگر محمد علي موهل، اشفاق موهل ۽ عورت پروين خاتون سخت زخمي ٿي پيا، قتل ٿيل مقتول ناري ۽ نوجوان جا لاش ۽ زخمين کي پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جوڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.
پوليس نه پهچڻ سبب هٿياربندن ٻيهر گهر تي حملو ڪيو: وارث
پيرجوڳوٺ: ڳوٺاڻي محب علي موهل ٻڌايو ته ڀائيٽي رابيل علي موهل کي رستي ۾ قتل ڪرڻ بعد ٻن ڪلاڪ بعد هٿياربندن طارق موهل، ستار، وارث موهل ۽ ٻين ٻيهر گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ نوجوان نياڻي قتل ٿي وئي، جڏهن ته عورت سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، هن ٻڌايو ته برادي جتوئي پوليس جي نااهليءَ سبب نوجوان ڀائٽيو ۽ نياڻي قتل ٿي ويا، پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو پر پوليس دير سان پهتي جنهن ڪري هٿياربندن گهر تي ٻيهر حملو ڪيو.
|
واقعي بعد ڌريون مورچا بند، سخت ڇڪتاڻ، پوليس نفري طلب |
پيرجوڳوٺ: هڪ ئي گهر جي نوجوان رابيل موهل ۽ ناري صاحب خاتون جي قتل واري واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي ۽ ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، برادي پوليس جو چوڻ آهي ته موهل برادري ٻن ڌرين م ٽن سالن کان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، سڪندر موهل واري ڌر حملو ڪري نوجوان رابيل موهل کي قتل ڪرڻ بعد گهر تي ٻيهر حملو ڪيو، جنهن ۾ ناري قتل ٿي وئي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪئي وئي آهي.
ڌرين ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار تاڻ 5 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون
پيرجوڳٺ: موهل برادري جي ٻن ڌرين م هلندڙ سڱاوتي تڪرار تان هيل تائين پنج انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ڌرين پاڻ ۾ ويجهيون عزيز آهن، 3 سال اڳ ڌرين ۾ جهيڙو شروع ٿيو هو، چڱن مڙسن جي ڪوششن باوجود ڌرين ۾ ٺاهه ناهي ٿي سگهيو.