پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ عدالت ۾ حاضري تي آيل جوابدار کي ٻبرلوءِ پوليس ڪنگري بار مان کنڀي کڻي وئي، وڪيلن آءِ او ۽ هڪ پوليس اهلڪار کي سوگهو ڪري بار ۾ ويهاري ڇڏيو، رپورٽ موجب عدالت ۾ حاضري تي ڀيڻ سان گڏ آيل ڳاڙهي موري واسي جوابدار عامر گھانگھرو کي ٻبرلوءِ پوليس اهلڪارن کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار ڪنگري بار ۾ پناهه ورتي، جنهن بعد اهلڪارن بار ۾ داخل ٿيا ته وڪيلن ڪيس جي آءِ او ڪليم الله  نيازي ۽ پوليس اهلڪار کي پڪڙي بار ۾ ويهاري ڇڏيو، هوڏانهن وڪيل اڳواڻن شمس الدين لاڙڪ، سراج مڱڻيجو، وحيد لغاري، امجد چنا ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن انتهائي غلط عمل ڪيو، بار ۾ داخل ٿي توهين ڪئي، بعد ڪجهه ماڻهن وچ ۾ پئي معاملي کي ختم ڪيو.