پيرونمل (ن پ ا)پيرومل لڳ ڳوٺ ڄامندو مري واسي عورت مٺڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو ٻڏي فوت ٿيل شادي شدھ عورت ڀاڳي زال پريم ڀيل جو لاش پيرومل پوليس جي مدد سان مقامي ٽوٻن ٻن ڪلاڪن بعد ھٿ ڪري ورتو,خبرموجب پيرومل ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄامندو مري جي رھواسي پورھيت پريم ڀيل جي زال پنجويھ سالن جي ڀاڳي مٺڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ٻڏي فوت ٿي وئي جنهن بعد اطلاع تي پيرومل پوليس پھچي مقامي ٽوٻن جي مددسان ٻن ڪلاڪن بعد عورت جو لاش مٺڙائو ڪئينال مان ھٿ ڪري ورتو جيڪو واثن حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي ٻڏي فوت ٿي ويل عورت جي ڏير واقعي واري ھنڌ مقامي صحافين کي ٻڌايو ته اسان ڪڻڪ جي لاباري تي ويل ھياسين ته ڀاڳي چوپائي مال لاِ گاهه لڻڻ لاءِ گھران نڪري مٺڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو ٻي طرف واقعي جو ڪارڻ معلوم ٿي ناهي سگھيو پيرومل پوليس پاران عورت جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو